Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 37:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اوهين غصي کان پاسو ڪريو ۽ ڪاوڙ کي ڇڏي ڏيو. پاڻ کي ڪڏهن بہ خفي نہ ڪريو، متان اوهان کان ڪا برائي ٿي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ غصي کان پاسو ڪر، ۽ ڪاوڙ کي ڇڏي ڏي: پاڻ کي خفي نہ ڪر. انهيءَ ۾ برائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 37:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن فرعون کانئس پڇيو تہ ”هتي تو کي ڪهڙي شيءِ جي ڪمي آهي جو تون پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃڻ ٿو گھرين؟“ هدد وراڻيو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ، پر تڏهن بہ مون کي موڪل ڏيو.“


تون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ رڳو پاڻ کي ئي ٿو نقصان رسائين، ڀلا تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خدا ڌرتيءَ کي برباد ڪري ڇڏيندو ڇا؟ يا تنهنجي ڪري هو ٽڪرن کي سندن جاءِ تان هٽائي ڇڏيندو ڇا؟


خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي.


تڏهن آءٌ ايترو تہ ڏهڪاءَ ۾ هئس جو مون چيو هو تہ ”سڀيئي ماڻهو ڪُوڙا آهن، ڪوبہ ڀروسي جهڙو ناهي.“


ان وقت آءٌ گھٻرائجي ويو هئس ۽ سوچيو هئم تہ ”آءٌ تنهنجي نظر کان ڪڍيو ويو آهيان.“ پوءِ بہ جڏهن مون تو کي پڪاريو، تڏهن تو منهنجيون منٿون ٻڌي ورتيون.


پر اي خدا! جيڪڏهن آءٌ سوچيان ها تہ ”آءٌ بہ انهن وارا خيال اختيار ڪندس،“ پوءِ جيڪر آءٌ تنهنجي قوم سان بي‌وفائي ڪريان ها.


جذباتي انسان پنهنجي بي‌وقوفي ظاهر ڪيو ڇڏي، مگر صبر وارو انسان نهايت عقلمند ٿئي ٿو.


وڏو زورآور ٿيڻ کان اهو بهتر آهي جو اوهين پنهنجي غصي کي ضابطي ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ شهرن تي قبضو ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ بهتر آهي.


پر اها ڳالهہ يونس کي اصل نہ وڻي ۽ هو ڪاوڙيو.


تنهن تي خداوند يونس کي چيو تہ ”ڇا ٻوٽي لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“ يونس وراڻيو تہ ”منهنجو ڪاوڙجڻ ايتري تائين صحيح قدم آهي تہ آءٌ موت چاهيان ٿو.“


جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ گناهہ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي.


هر قسم جي ڪيني، غضب، ڪاوڙ، هل هنگامي ۽ گھٽ وڌ ڳالهائڻ کي هر طرح جي بدنيتيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو.


پر هاڻي اوهين هي سموريون ڳالهيون بہ ڇڏي ڏيو، يعني غضب، ڪاوڙ، بدنيتي، گلاخوري ۽ گاريون ڏيڻ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ