زبور 37:7 - Muslim Sindhi Bible7 اوهين خداوند آڏو راضي رهو ۽ مٿس توڪل رکو. بدڪار جيڪي پنهنجيءَ راهہ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، يا وري اهي جيڪي برن منصوبن سان سوڀ ٿا ماڻين، تن کي ڏسي اوهين منجھي نہ پئو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 خداوند جي حضور ۾ راضي رهہ، ۽ صبر سان سندس انتظار ڪر: جيڪو ماڻهو پنهنجين واٽن ۾ ڪامياب ٿو ٿئي ۽ بڇڙا منصوبا ٻڌي پورا ٿو ڪري، تنهنجي ڪري پاڻ کي خفي نہ ڪر. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ ڏينهن خداوند امورين تي بني اسرائيل کي فتح بخشي. ساڳئي ڏينهن منجھند ڌاري يشوع خداوند کان دعا گھري ۽ پوءِ جيئن ”آشر جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهي، تيئن هن بني اسرائيل جي روبرو هيئن چيو تہ ”اي سج! تون جِبعون شهر مٿان رڪجي وڃ، اي چنڊ! تون ايالون ماٿريءَ تي ترسي پئُہ.“ تڏهن سج رڪجي ويو ۽ چنڊ ترسي پيو، جيستائين بني اسرائيل قوم دشمنن کي شڪست نہ ڏني. سو سج آسمان جي وچ ۾ هڪ ڏينهن جيترو وقت هڪ هنڌ رڪجي ويو ۽ اولهہ ڏانهن نہ لڙيو.