Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 37:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اوهين پنهنجيون سڀ واٽون خداوند جي حوالي ڪريو. اوهين مٿس توڪل رکو تہ هو پاڻيهي اوهان جون گھرجون پوريون ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پنهنجون واٽون خداوند جي حوالي ڪر؛ ۽ مٿس ڀروسو رک، هو پاڻيهي تنهنجو مطلب پورو ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 37:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! منهنجي مالڪ ابراهيم جا خدا! اڄ مون کي سوڀ ڏي ۽ منهنجي مالڪ تي پنهنجي عهد موجب مهرباني ڪر.


جنهن ڳالهہ جو تون ارادو ڪندين سا تنهنجي لاءِ ٿي پوندي، ۽ تنهنجيون راهون روشن ٿينديون.


”جيڪڏهن هن جي خدا تي توڪل آهي، تہ پوءِ اهو کيس ڇو نہ ٿو بچائي! جيڪڏهن اُهو کانئس خوش آهي، تہ پوءِ کيس ڇو نہ ٿو ڇڏائي!“


اي خدا! اسين پنهنجيون تڪليفون تو آڏو ٿا رکون. تون خداوند ئي اسان جي سنڀال ڪندين، ۽ ڪنهن بہ سچار کي ڪڏهن لوڏو کائڻ نہ ڏيندين.


پنهنجا سڀ ڪم خداوند جي حوالي ڪريو، تڏهن اوهان جا منصوبا ڪامياب ٿيندا.


انهن سڀني ڳالهين بابت مون گھڻو سوچ ويچار ڪيو. تڏهن مون کي سمجھہ ۾ آيو تہ سڀيئي ڪم خدا جي مرضيءَ سان ٿين ٿا. توڙي جو ڏاها هجن يا نيڪوڪار کين خبر ئي ڪانهي تہ انهن ڪمن جو نتيجو ڇا نڪرندو. ايتري قدر جو انسان پنهنجي بُري يا ڀلي جو نتيجو بہ نہ ٿو ڄاڻي، جيتوڻيڪ سڀ ڪجھہ سندس اڳيان ٿي رهيو هجي.


هاڻ ڀلا پروردگار جي مرضيءَ کان سواءِ، ڪنهن کي طاقت آهي جو اهو سڀ ڪجھہ ڪري سگھي؟


تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘


تنهنڪري اوهان کي هيئن چوڻ گھرجي تہ ”جيڪڏهن خداوند گھريو تہ اسين جيئرا بہ رهنداسين ۽ فلاڻو فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين.“


ائين ڪندي پنهنجيون سموريون ڳڻتيون انهيءَ تي رکو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جو فڪر آهي.


تڏهن هنن ورندي ڏنس تہ ”تو اسان کي نڪي ٺڳيو آهي، نڪي اسان تي ڪو ظلم ڪيو آهي ۽ نہ وري تو ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪا شيءِ ورتي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ