Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 37:4 - Muslim Sindhi Bible

4 خداوند جي حضور مان اوهين پنهنجي خوشي حاصل ڪريو، اهو ئي اوهان جي دل جون مُرادون پوريون ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 خداوند ۾ خوش رهہ؛ ۽ هو تنهنجي دل جون مرادون پوريون ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 37:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ، تڏهن ئي قادرِمطلق جي حضور مان، تو کي خوشي حاصل ٿيندي، ۽ تون پنهنجو منهن خدا جي آڏو کڻي سگھندين.


پر ڇا هو قادرِمطلق جي حضور ۾ اچي ڪا خوشي حاصل ڪري سگھن ٿا؟ پوءِ ڇا هو هر وقت خدا کان دعا گھرندا رهندا؟


تنهنڪري ئي هو چوي ٿو تہ ’پاڻ کي خدا وٽ مقبول بڻائڻ مان ڪو فائدو ڪونهي.‘“


شل منهنجا هي خيال کيس پسند اچن! ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند ئي آهي جنهن کان مون کي خوشي ملي ٿي.


جيڪي کانئس ڊڄندا رهن ٿا، تن جي هو مراد پوري ڪندو. هو سندن فرياد ٻڌي کين بچائي وٺندو.


تڏهن آءٌ خدا جي قربان‌گاهہ وٽ ويندس، هائو، پنهنجي انهيءَ خدا وٽ، جيڪو منهنجي خوشين جو سرچشمو آهي. اي خدا! اي منهنجا خدا! آءٌ سارنگي وڄائي تنهنجي واکاڻ ڳائيندس.


سچارن کي سندن خواهش موجب ئي نوازيو ويندو، مگر بدڪار جنهن ڳالهہ کان ڊڄن ٿا سا ئي مٿن اچي پوندي.


جيئن جھنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن ئي اي منهنجا محبوب! تون نوجوانن ۾ آهين. آءٌ بيحد خوشيءَ سان تنهنجي ڇانوَ ۾ ٿي ويهان، ۽ تنهنجو ميوو مون لاءِ ڏاڍو مٺو آهي.


تہ پوءِ مون وٽان اوهان کي حقيقي خوشي حاصل ٿيندي، ۽ آءٌ اوهان کي پوريءَ دنيا ۾ نهايت اعليٰ مقام عطا ڪندس. آءٌ اوهان کي اوهان جي ابي ڏاڏي يعقوب جي ملڪ ۾ برڪتن سان نوازيندس. اهو مون خداوند جو واعدو آهي.“


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.


جيتوڻيڪ اوهان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس ايمان آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ عظمت سان ڀرپور آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ