30 سچار ماڻهن جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون ٿيون نڪرن. هائو، سندن زبان مان انصاف جي ڳالهہ ٿي نڪري.
30 راستباز جي واتان ڏاهپ ٿي نڪري، ۽ سندس زبان انصاف جي ڳالهہ ٿي ڪري.
آءٌ سڄو ڏينهن ڇڏائڻ وارين تنهنجي ڀلائين جو بيان پيو ڪندس. هائو، انهن جي شمار جو ڪو ئي بہ اندازو ناهي.
منهنجي زبان سڄو ڏينهن تنهنجي سچائيءَ جو بيان ڪندي رهندي، ڇو تہ جن منهنجو نقصان پئي چاهيو، سي شڪست کائي خوار خراب ٿيا آهن.
سچار ماڻهوءَ جون ڳالهيون خالص چانديءَ مثل آهن، مگر بدڪار ماڻهوءَ جي سوچ ڪين جهڙي آهي.
سچار ماڻهوءَ جي ڳالهين مان گھڻا ئي فائدو حاصل ڪن ٿا، مگر بيوقوف ماڻهوءَ جون ڳالهيون ئي کيس وقت کان اڳي ماريو ڇڏين.
سچارن جي واتان ڏاهپ جون ڳالهيون نڪرنديون رهنديون، جڏهن تہ ڪوڙن جي زبان وڍي ويندي.
عقلمند ماڻهو ڄاڻ ٿا ورهائين، مگر بيوقوفن جا خيال ڪنهن ڪم جا ناهن.
سُرهو تيل ۽ عطر دل کي فرحت ٿا ڏين، مگر سچي دوستي اڃا بہ وڌيڪ راحت واري آهي.
هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو.
اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي روحاني ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.
اوهان جي ڳالهہ ٻولهہ هميشہ اهڙي فضيلت واري ۽ وڻندڙ هجي، جو اوهين هر ماڻهوءَ کي مناسب جواب ڏيئي سگھو.