Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 37:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر جيڪي خدا جا تابعدار آهن، سي ملڪ جا وارث ٿيندا. اهي جھجھي سلامتيءَ سان گڏ خوشحالي ماڻيندا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 پر حليم ماڻهو زمين جا وارث ٿيندا؛ ۽ ججهي سلامتيءَ جي ڪري سرها ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 37:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي تنهنجي شريعت کي چاهين ٿا، تن لاءِ جھجھي سلامتي ۽ خوشحالي آهي. اهي ڪڏهن ڪو ٿاٻو بہ نہ کائيندا.


اهي سدائين سکيا ستابا ٿا رهن، ۽ سندن اولاد بہ ملڪ جو وارث ٿئي ٿو.


اهي تنهنجي در جي نعمتن مان کائي ڍءُ ڪن ٿا، تون انهن کي پنهنجي خوشين جي نديءَ مان پيئارين ٿو.


سندس ڏينهن ۾ شل سچار ماڻهو وڌن ۽ آباد ٿين! جيستائين بہ سج چنڊ قائم رهي تيستائين خوشحالي رهي.


بيشڪ خداوند انهن کي پوري پوري سلامتي بخشي ٿو، جيڪي هر حال ۾ مٿس ئي توڪل رکندڙ آهن.


ڪاش! اوهين منهنجا حڪم ٻڌو ها تہ چڱو هو، پوءِ جيڪر اوهان جي سلامتي نديءَ وانگر هميشہ وهندي رهي ها، ۽ اوهان جي فتح ۽ ڪاميابي سمنڊ جي ڇولين وانگر ڪڏهن نہ رڪجن ها.


مصيبت جي وقت جڏهن اوهين مدد لاءِ دانهون ڪندا، تڏهن ڀلي تہ اوهان جا معبودن وارا گڏ ڪيل اهي بت اچي اوهان کي بچائين. ياد رکو، انهن سڀني کي تہ هڪڙي ڦوڪ ئي اُڏائي ڇڏيندي. پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي حفاظت لاءِ مون وٽ ايندا، تہ پوءِ منهنجي پاڪ جبل، بلڪ هن سڄي ملڪ جا اوهين وارث ٿيندا.“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي تابعدار آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي ڌرتيءَ جو وارث ڪندو.


آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


جنهن رستي جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي قبضي ۾ ايندو تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“


تڏهن خدائي سلامتي، جيڪا انساني سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سا اوهان جي دلين ۽ خيالن کي عيسيٰ مسيح ۾ محفوظ رکندي.


پر اي خدا جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، ثابت قدميءَ ۽ نماڻائيءَ جو طلبگار رهجانءِ.


تنهنڪري ناپاڪيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي سموري گندگيءَ کي پري اڇلائي نماڻائيءَ سان انهيءَ پيغام کي قبول ڪريو، جيڪو اوهان ۾ پوکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي.


اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجھُو ڪير آهي؟ انهيءَ کي گھرجي تہ هو پنهنجي چڱيءَ هلت چلت جي وسيلي اهڙي نماڻائيءَ سان اهو ثابت ڪري ڏيکاري، جيڪا ڏاهپ مان پيدا ٿئي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ