Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 37:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هائو، ٿوري عرصي ۾ ئي اهي اهڙا نابود ٿي ويندا، جو ڳوليا نہ لڀندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇو جو ٿوري دير کان پوءِ بدڪار هوندو ئي ڪونہ: تون انهي جي جاءِ ۾ چتائي نهاريندين پر هو هوندو ئي ڪين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 37:10
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ييهو پنهنجي لشڪر جي سالار بدقر کي چيو تہ ”هن کي کڻي نابوت يزرعيليءَ جي ٻنيءَ ۾ اڇلائي ڇڏ. تو کي ياد هوندو تہ جڏهن آءٌ ۽ تون يورام جي پيءُ اخي‌اب جي پٺيان گڏ پئي وياسين، تڏهن خداوند اخي‌اب جي خلاف هي لفظ چيا هئا تہ


سو هامان کي ان ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جيڪا هن مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي. تڏهن وڃي شهنشاهہ جي ڪاوڙ جھڪي ٿي.


پر انسانذات جڏهن مريو ٿا وڃن تہ ڳريو ختم ٿيو وڃن، بلڪ دم ڏيڻ کان پوءِ انسان آهي ڪٿي؟


’شريرن جي سوڀ عارضي هوندي آهي؟‘ هائو، جيڪي ماڻهو خدا تي ڀروسو نہ رکندا آهن، تن جي خوشي ٿوري دير لاءِ هوندي آهي.


خدا بدڪارن کي ٿوري وقت لاءِ سرفراز تہ ڪري ٿو، پر پوءِ سگھو ئي اهي گم ٿيو وڃن. هائو، اهي ذليل ٿيو وڃن، ۽ سڙي ويل ٻوٽن وانگر ڪڍي ٻاهر ڦٽا ڪيا ٿا وڃن، کين اناج جي سنگن وانگر لڻيو وڃي ٿو.


اهو پنهنجي گھر وري موٽي نہ ايندو، بلڪ پنهنجي گھر وارن کان بہ اهو وسري ويندو.“


ڀلا جي تون منهنجو ڪو قصور سمجھين ٿو تہ اهو معاف ڇو نہ ٿو ڪرين؟ تون منهنجي هيءَ مصيبت مون تان ڇو نہ ٿو ٽارين؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجي قبر ۾ وڃي پوڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. هائو، آءٌ ائين گم ٿي ويندس، جو جڏهن تون مون ڏانهن نهاريندين، تہ آءٌ هوندس ئي ڪونہ.“


جيئن ئي انهيءَ تي واءُ لڳي ٿو تہ اهو گم ٿيو وڃي، پوءِ وري انهيءَ جي پنهنجي جاءِ کي بہ انهيءَ جو پتو نہ ٿو پوي.


جڏهن تہ هو ڏسي ٿو تہ نہ رڳو جاهل ۽ بي‌وقوف ئي فنا ٿيو ٿا وڃن، بلڪ جيڪي داناءَ آهن سي بہ مريو ٿا وڃن، ۽ هر ڪو پنهنجي دولت ٻين جي لاءِ ڇڏيو ٿو وڃي.


تنهنڪري خدا تو کي هميشہ جي لاءِ برباد ڪري ڇڏيندو. هو تنهنجي گھر مان تو کي پڪڙي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪندو، بلڪ دنيا منجھان ئي تنهنجي پاڙ پٽي ڪڍندو.


بدڪارن جون پڪيون جايون برباد ٿي وينديون، جڏهن تہ سچارن جون جھڳيون بہ قائم وَ دائم رهنديون.


دنيا جي خاتمي جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين دعا گھرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ