Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 37:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بدڪارن کي خوش ڏسي اوهين پنهنجو پاڻ کي پريشان نہ ڪريو. هائو، انهن سان ريس نہ ڪريو، جيڪي بڇڙائيءَ جا ڪم ڪن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 بدڪارن جي ڪري تون پاڻ کي خفي نہ ڪر، نڪي بڇڙائي ڪندڙ سان ريس ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 37:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچار ماڻهو بہ منهنجي حالت ڏسي دهلجي ويا آهن، هو اهو سمجھي منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن تہ آءٌ خدا کي رد ڪندڙ آهيان.


اوهين خداوند آڏو راضي رهو ۽ مٿس توڪل رکو. بدڪار جيڪي پنهنجيءَ راهہ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، يا وري اهي جيڪي برن منصوبن سان سوڀ ٿا ماڻين، تن کي ڏسي اوهين منجھي نہ پئو.


جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن انهن مغرورن تي مون کي ريس آئي هئي.


ماڻهوءَ جي پنهنجي بي‌وقوفي ئي کيس گمراهہ ڪريو ڇڏي، مگر هو وري الزام خداوند تي ٿو مڙهي.


گنهگارن کي ڏسي مٿن ريس نہ ڪريو، بلڪ هميشہ خداوند کان ڊڄندا رهو.


اوهين بدڪار ماڻهن تي ريس نہ ڪريو، نڪي انهن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪريو.


بدڪار ماڻهن جي ڪري اوهين خفي نہ ٿيو، نڪي انهن تي ريس ڪريو.


زور زبردستي ڪندڙ ماڻهن تي اوهين ريس نہ ڪجو، نڪي انهن جي نقشِ‌قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪجو،


پر هجڻ تہ ائين گھرجي جو گنهگارن جو ڀلو ڪڏهن بہ نہ ٿئي، نڪي سندن عمر وڌي، بلڪ اهي پاڇي وانگر وهامندا رهن، ڇاڪاڻ تہ اهي خدا جو خوف نہ ٿا رکن.


بغض، نشي‌بازي، عياشي ۽ ٻيا اهڙا ڪم. انهن بابت جيئن اڳي بہ مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار ڪين ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ