بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.
اڳتي وري تو کي ڏينهن جي سوجھري لاءِ سج جي ضرورت نہ پوندي، نڪي رات جي روشنيءَ لاءِ چنڊ جي، بلڪ آءٌ خداوند ئي تو لاءِ ابدي روشني ٿيندس. هائو، منهنجو جلوو ئي تنهنجي تجليءَ جو سبب بڻبو.
انهيءَ سبب جو منهنجي قوم ٻہ گناهہ ڪيا آهن: هڪ تہ هو زندگيءَ جي چشمي يعني مون کان ڦري ويا آهن، ٻيو پنهنجي لاءِ ڀڳل حوض ٺاهيا اٿائون، جن ۾ پاڻي ڪونہ ٿو ٽِڪي سگھي.“
عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.“