Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 36:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اهي پنهنجي هنڌ تي ليٽي بہ بڇڙائيءَ جون ئي رٿون ٿا رٿين. اهي برائيءَ کان نفرت نہ ٿا ڪن بلڪ بريءَ راهہ تي هلندا ٿا رهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هو پنهنجي هنڌ تي ليٽي بڇڙائيءَ جون رِٿون ٿو رٿي: ۽ خراب رستي تي وڃي ٿو بيهي: ۽ برائيءَ کان نفرت نٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 36:4
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن کيس صلاح ڏني تہ ”ٻاويهہ ميٽر ڊگھي ڦاهي ٺهراءِ ۽ سڀاڻي صبح جو شهنشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئيءَ کي ان تي چاڙهي ڦاهي ڏياري ڇڏي. پوءِ تون شهنشاهہ سان گڏجي دعوت ۾ وڃي خوشيون ملهاءِ.“ هامان کي اها صلاح ڏاڍي وڻي، سو هن ڦاهي ٺهرائي.


شهنشاهہ وري پڇيو تہ ”محل ۾ ڪو عملدار حاضر آهي؟“ انهيءَ ئي مهل هامان شهنشاهہ جي محل ۾ داخل ٿيو، تان‌تہ جيڪا ڦاهي مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئائين تنهن تي انهيءَ کي چاڙهڻ لاءِ شهنشاهہ سان ڳالهائي.


تہ پوءِ ڀلا ڪراهت جهڙن، ۽ خراب انسانن جو ڪهڙو ذڪر ڪجي، جيڪي گناهہ کي پاڻيءَ وانگر پي وڃن ٿا.“


موقعو ڏسي منهنجي جان جا دشمن مون لاءِ ڦندا ٿا اڏين. هائو، جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين، سي تباهيءَ جون ڳالهيون پيا ڪن. اهي مون سان دغا ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن منصوبا پيا جوڙين.


تون ڀلائيءَ کان وڌيڪ بڇڙائيءَ کي پسند ڪرين ٿو. هائو، تون سچ کان وڌيڪ ڪوڙ کي پسند ڪرين ٿو.


جيڪي بڇڙائيءَ کان نفرت ڪن ٿا، تن کي خداوند پيار ڪري ٿو. جيڪي سندس نيڪ بندا آهن تن جي هو حفاظت ڪري ٿو، ۽ بڇڙن ماڻهن جي هٿن منجھان کين ڇڏائي ٿو.


انهيءَ سبب جو سندن دلين ۾ ظلم وَ زبردستي ڪرڻ جا خيال پيا ڦرن، ۽ سندن زبانن تي جھيڙي فساد ڦهلائڻ جون ڳالهيون ٿيون رهن.


ڏاهن جا وڌيڪ قول هي بہ آهن. انصاف ڪرڻ وقت ڪنهن جي بہ طرفداري ڪرڻ نہ گھرجي.


اهي ماڻهو جيستائين بدڪاري نہ ڪن، تيستائين کين آرام ڪونہ ٿو اچي. هائو، جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن بي‌گناهہ کي نقصان نہ پهچائين تيستائين کين ننڊ ئي ڪين ٿي اچي.


آءٌ پنهنجي قوم جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ هميشہ تيار رهيو آهيان. پر اهي فسادي آهن، ۽ پنهنجي خيالن جي پيروي ڪندي خراب رستي تي ٿا هلن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بي‌عقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘


مون ڌيان سان ٻڌو آهي، پر اوهان مان ڪوبہ سچ نہ ٿو ڳالهائي. ڪوبہ ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي ۽ ائين نہ ٿو چوي تہ ’هاءِ! هي مون ڇا ڪيو؟‘ بلڪ هر ڪو پنهنجي بڇڙائيءَ واري واٽ وٺيو پيو ٿو هلي، جيئن ڪو گھوڙو جنگ ۾ ڊوڙندو ئي رهندو آهي.


بديءَ کان نفرت ڪريو، نيڪيءَ سان محبت رکو، ۽ عدالت ۾ انصاف قائم ڪريو. ائين ڪرڻ سان شايد خداوند قادرِمطلق خدا، اسرائيل ملڪ تي اچڻ واري سزا کان پوءِ اوهان مان باقي بچي ويلن تي مهربان ٿئي.


ويل آهي منهنجي قوم جي انهن اميرن لاءِ! جيڪي بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين. اهي رات جو پنهنجي بستري تي ليٽندي بہ بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. پوءِ صبح ٿيندي ئي اهي انهن کي عمل ۾ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن هٿ وس ۾ آهي.


اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.


صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون.


ٻئي ڏينهن صبح جو ڪي يهودي اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ سازش سِٽيائون. انهن پاڻ ۾ قسم کنيو تہ ”جيستائين اسين پولس کي نہ مارينداسين، تيستائين اسين ڪابہ شيءِ نہ کائينداسين نہ پيئنداسين.“


جيتوڻيڪ اهي خدا جي هن حڪم کي ڄاڻين ٿا تہ جيڪي ماڻهو هي ڪم ڪن ٿا سي موت جي لائق آهن، تنهن هوندي بہ اهي نہ رڳو پاڻ هي ڪم ڪن ٿا، بلڪ جيڪي ٻيا اهڙا ڪم ڪن ٿا تن کان بہ راضي ٿين ٿا.


پيار ۾ رياڪاري نہ هئڻ گھرجي. اوهين بڇڙائيءَ کان نفرت ڪريو ۽ نيڪيءَ سان دل لڳايو.


”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي سخت محنت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوهين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين پر آهن ڪين، تن کي اوهان آزمائي ڏٺو تہ اهي ڪوڙا نڪتا.


پوءِ انهيءَ ساڳئي رات سائول دائود جي گھر ڏانهن ڪي ماڻهو موڪليا تہ جيئن مٿس پهرو رکن ۽ صبح جو کيس ماري ڇڏين. تڏهن دائود جي زال ميڪل کيس ٻڌايو تہ ”جيڪڏهن اڄ رات تون هتان نڪري نہ ويندين، تہ سڀاڻي تون قتل ٿيندين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ