3 انهن جي وات ۾ بڇڙائيءَ ۽ دغا جون ڳالهيون آهن. هنن ڏاهپ ۽ نيڪيءَ کي بلڪل ئي ڇڏي ڏنو آهي.
3 انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.
آءٌ خداوند جي راهن تي هلندو رهيو آهيان، ۽ برائي ڪري ڪڏهن پنهنجي خدا کان ڦري پري نہ ٿيو آهيان.
هن پنهنجي پيءُ آسا وانگر هميشہ اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا.
انهن جو وات دغا، لعنت ۽ ظلم سان ڀريل آهي. هائو، سندن زبان تي هر دم ٺڳي ۽ برائي آهي.
پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن ڦري وڃن ٿا، تن کي تون بدڪارن سان گڏ سزا ڏي! شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!
انهن جي زبان موتمار نانگ جي ڏنگ وانگر آهي، هائو، انهن جا لفظ اهڙا آهن جيئن کپر نانگ جو زهر.
بيشڪ منهنجي دشمنن جي وات ۾ ڪابہ سچائي ڪانهي. هو دل ۾ رڳو تباهي ٿا رکن. هو پنهنجي زبان سان خوشامند ڪن ٿا، پر سندن وات مان نڪتل ڳالهيون ٻين لاءِ موت آهن.
سندس ڳالهيون مکڻ وانگر ملائم هيون، پر سندس دل ۾ جنگ هئي. هن جون ڳالهيون تيل کان بہ سڻڀيون هيون، پر اگھاڙي تلوار وانگر هيون.
بدڪار ماڻهو پنهنجي ماءُ جي پيٽان ئي گمراهہ ٿين ٿا. اهي تہ پنهنجي ڄمندي ئي ڪوڙ ڳالهائيندا وتن ٿا.
اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڪيڏا نہ جاهل آهيو! ڪجھہ تہ ويچار ڪريو. اي بيوقوف انسانؤ! اوهان کي ڪڏهن عقل ايندو؟
اهي ماڻهو جيستائين بدڪاري نہ ڪن، تيستائين کين آرام ڪونہ ٿو اچي. هائو، جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن بيگناهہ کي نقصان نہ پهچائين تيستائين کين ننڊ ئي ڪين ٿي اچي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بيعقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بيسمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“
پر اسرائيل وارن نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنڪري انهن جو دشمن سندن پٺيان پيل رهندو.
آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي مون خداوند کي پٺ ٿا ڏين. اُهي نہ تہ منهنجا طالبو آهن، ۽ نہ وري مون کان ڪا مدد ئي گھرن ٿا.“
انهن مان هڪڙي شريعت جي عالم عيسيٰ کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندي کانئس پڇيو تہ
سو جڏهن هو موٽي اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي،
سو اسين پوئتي هٽڻ وارن مان نہ آهيون جو ناس ٿيون، پر اسين انهن مان آهيون جيڪي ايمان رکي پاڻ کي بچائين ٿا.
مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.
سموئيل وراڻي ڏنس تہ ”آءٌ تو سان گڏجي موٽي نہ هلندس، ڇاڪاڻ تہ تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو آهي ۽ خداوند بني اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ کي رد ڪيو آهي.“
هيڏانهن وري خداوند جو روح سائول کي ڇڏي ويو ۽ خداوند جي طرفان موڪليل هڪڙو ستائيندڙ روح اچي کيس ستائڻ لڳو.
هن سوچيو تہ ”آءٌ اها دائود کي ئي ڏيندس تہ ڀلي اها هن جي لاءِ ڦندو ٿئي ۽ هو فلستين هٿان مارجي وڃي.“ تڏهن هن ٻئي ڀيري دائود کي چيو تہ ”تون هاڻي منهنجو ناٺي ٿيندين.“
تڏهن سائول وراڻيو تہ ”مون گناهہ ڪيو آهي. اي منهنجا پٽ دائود! موٽي اچ. آءٌ تو کي اڳتي ڪڏهن بہ ڪو نقصان نہ پهچائيندس، ڇو تہ اڄوڪي ڏينهن تو منهنجي حياتيءَ کي قيمتي سمجھي مون کي جيئدان ڏنو آهي. بيشڪ مون بيوقوفيءَ جو ڪم ڪيو آهي ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.“