2 هائو، آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪندو رهندس. جيڪي بہ ڏکايل آهن سي اها ٻڌي خوش ٿيندا.
2 منهنجي جان خداوند تي فخر ڪندي: نماڻا اهو ٻڌي خوش ٿيندا.
چوڻ لڳو تہ ”جڏهن آءٌ ماءُ جي پيٽان نڪتو هئس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين هئس. جڏهن آءٌ هن دنيا مان ويندس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين ويندس. بيشڪ خداوند ئي ڏنو هو، هن ئي هاڻ موٽائي ورتو آهي، شال سندس نالو سڳورو هجي.“
اوهين هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪندا رهو، ڀل تہ انهن سڀني جون دليون خوش ٿين، جيڪي خداوند جا طالبو آهن.
جيڪي تنهنجو خوف ٿا رکن، سي مون کي ڏسي خوش ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي فرمان تي ئي منهنجي سڄي اميد آهي.
اي خداوند! تون مون کي هن ڌٻڻ مان ڪڍ، تانتہ آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪريان. تڏهن تنهنجي انهيءَ ڀلائيءَ جي نتيجي ۾ گھڻا ئي سچار اچي شڪراني ۾ مون سان شامل ٿيندا.
سو اسين هر وقت تو خدا تي فخر ڪندا ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجي نالي جي ئي واکاڻ ٿا ڪريون.
بني اسرائيل جي سڄي نسل کي آءٌ فتح ۽ ڪاميابي بخشيندس. اهي مون خداوند تي ئي فخر ڪندا.“
پر فخر ڪندڙ رڳو انهيءَ ڳالهہ تي فخر ڪري تہ هو مون خداوند کي سڃاڻي ٿو، ۽ مون کي ئي پنهنجو مالڪ سمجھي ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جيڪو ڌرتيءَ تي لافاني شفقت، انصاف ۽ سچائي قائم ڪريان ٿو، بيشڪ، انهن ڳالهين ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.“
جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪرڻ چاهي ٿو، سو خداوند تي فخر ڪري.“
بهرحال پاڪ ڪلام ۾ اهو لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪري سو خداوند تي فخر ڪري.“