1 آءٌ خداوند کي هر دم سڳورو چوندو رهندس. منهنجي زبان هر وقت سندس واکاڻ پيئي ڪندي.
1 آءٌ هر وقت خداوند کي مبارڪ چوندو رهندس: منهنجو وات سدائين سندس تعريف ڪندو.
اتي هن پنهنجيءَ زال سارہ لاءِ چيو تہ ”اها منهنجي ڀيڻ آهي.“ تڏهن اتان جي بادشاهہ ابيملڪ سارہ کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو.
اڳيون ڏڪار جيڪو ابراهيم جي وقت ۾ پيو هو تنهن کان سواءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي ملڪ ۾ پيو. سو اسحاق فلستين جي بادشاهہ ابيملڪ وٽ جرار ۾ ويو.
منهنجي ڄمڻ کان وٺي منهنجو اعتماد تو تي رهيو آهي. تون مون کي منهنجي ماءُ جي پيٽ کان ئي سنڀاليندو رهيو آهين. آءٌ سدائين تنهنجي تعريف پيو ڪندس.
منهنجو وات تنهنجيءَ واکاڻ سان هر دم ڀرپور رهي ٿو. هائو، آءٌ سڄو ڏينهن تنهنجي عظمت بيان ڪندو رهان ٿو.
بزدلي ماڻهوءَ کي مشڪلاتن ۾ ڦاسايو ڇڏي، مگر خداوند تي توڪل رکڻ وارو سلامت رهي ٿو.
رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري
رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا، ڇاڪاڻ تہ خدا کين انهيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بيعزتي ٿي.
هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۾ خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا رهو.
اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خداوند عيسيٰ جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا ادا ڪندا رهو.
هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ مسيح ۾ اوهان لاءِ خدا جي اها ئي مرضي آهي.
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون. هي انهيءَ ڪري مناسب آهي جو اوهان جي ايمان ۾ گھڻي کان گھڻو واڌارو ايندو ٿو وڃي ۽ اوهان سڀني جو هڪٻئي لاءِ پيار وڌندو ٿو وڃي.
پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي خداوند جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.
اڪيس جي نوڪرن چيو تہ ”ڇا هي پنهنجي ملڪ جو بادشاهہ دائود تہ نہ آهي؟ انهيءَ بابت ئي عورتن نچندي ائين ڳايو هو تہ ’سائول تہ ماريو هزارن کي، پر دائود ماريو لکن کي.‘“