4 بيشڪ خداوند جو فرمان سراسر سچو آهي، جنهن موجب هو سڀيئي ڪم وفا سان پورا ڪري ٿو.
4 ڇو جو خداوند جو ڪلام صحيح آهي؛ ۽ سندس سڀ ڪم سچائيءَ سان ٿا ٿين.
پوءِ چيائين تہ ”خداوند، منهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا کي ساراهہ جڳائي، جنهن منهنجي مالڪ تان پنهنجي لافاني شفقت ۽ وفا ڪين هٽائي آهي. خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي مائٽن ۾ وٺي آيو آهي.“
انهيءَ ڪري جو آءٌ تنهنجي سڀني قاعدن کي سچو سمجھان ٿو، ۽ هر ڏنگيءَ راهہ کان نفرت ڪريان ٿو.
اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تو پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ڏک ڏنا آهن.
خداوند جا جيڪي بہ قول آهن سي سڀ خالص آهن. اهي باهہ ۾ تپايل انهيءَ چانديءَ جيان آهن، جيڪا ست ڀيرا صاف ڪيل هجي.
خداوند جا قاعدا سچا آهن، جيڪي دل کي خوشيون ٿا ڏين. هن جا حڪم حق وارا آهن، جيڪي اکين کي روشن ٿا ڪن.
اي خداوند! جيڪي تنهنجي عهد تي، ۽ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ٿا ڪن، تن جي تون وفا ۽ دائمي شفقت سان رهنمائي ٿو ڪرين.
هائو، اهي خداوند جي حضور ۾ ڳائين، ڇاڪاڻ تہ هو دنيا وارن جو انصاف ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. هو انصاف ۽ سچائيءَ سان جهان جي قومن جي عدالت ڪندو.
خدا جو هر هڪ قول سچو ثابت ٿئي ٿو. جيڪي سندس پناهہ ۾ اچن ٿا تن جي هو حفاظت ڪري ٿو.
تنهنڪري هاڻ، آءٌ نبوڪدنضر چوان ٿو تہ عرش واري بادشاهہ جي واکاڻ ۽ تعريف هجي، آءٌ عرش واري بادشاهہ کي تعظيم ٿو ڏيان، هو پنهنجي سڀني ڪمن ۾ صحيح آهي، سندس راهون انصاف واريون آهن. هٺيلا ماڻهو جيڪي هٺ تي هلن ٿا، تن جو هٺ ڀڃڻ جي هو قدرت رکي ٿو.“
اسان يعقوب جي اولاد بابت تو کي اهڙي ڳالهہ نہ چوڻ گھرجي. ڇا خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ناهي؟ ڇا اهڙو عمل خدا جي لائق آهي؟ ڇا هن سچارن کي هميشہ پنهنجي برڪتن سان نہ نوازيو آهي؟“
عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.
هاڻي جڏهن تہ شريعت پاڻ پاڪ آهي ۽ سندس حڪم بہ پاڪ، سچا ۽ چڱا آهن،
اهو ئي اسان جو محافظ آهي، سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي، هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن، هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي، اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.
انهيءَ ايمان رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين دائمي زندگي ملي آهي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن ازل کان ئي انهيءَ زندگيءَ جو واعدو ڪيو آهي.