3 اوهين هن جي لاءِ هڪڙو نئون گيت ڳايو، مهارت سان ساز وڄايو ۽ وڏي آواز سان ڳايو.
3 انهيءَ لاءِ نئون گيت ڳايو؛ وڏو آواز ڪڍي اُستاديءَ سان وڄايو.
جڏهن تہ دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجي پوري جوش سان خدا جي حضور ۾ خوشيءَ وچان نچندا، گيت ڳائيندا ۽ دڦ، ٽليون شرنايون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا ٿي هليا.
ڪنانياہ جيئن تہ ڳائڻ ۾ ماهر هو، سو هو راڳ ڳائيندڙ لاوين جو نگران مقرر ٿيو ۽ راڳ جو سر ڪڍندو هو.
اهي چوويهہ ئي ڄڻا ڳائڻ وڄائڻ جا ماهر هئا ۽ انهن سان گڏ ٻيا لاوي سکيا ورتل سازندا پڻ هئا، جيڪي جملي ٻہ سؤ اٺاسي ڄڻا هئا.
مزدورن ايمانداريءَ سان ڪم ٿي ڪيو. انهن کي هدايتون ڏيڻ ۽ سندن نگراني ڪرڻ لاءِ مٿن هي چار لاوي مقرر هئا: يحت ۽ عبدياہ جيڪي مراريءَ جي خاندان مان هئا، زڪرياہ ۽ مسلام، جيڪي قهات جي خاندان مان هئا. ٻيا لاوي جيڪي سازن وڄائڻ ۾ ماهر هئا،
اي خدا! آءٌ تنهنجي حضور ۾ هڪ نئون گيت ڳائيندس، آءٌ ڏهن تارن وارو دنبورو وڄائي تنهنجي واکاڻ ڪندس.
خداوند جي واکاڻ ڪريو. خداوند جي لاءِ هڪ نئون گيت ڳايو، فرمانبردارن جي گڏجاڻيءَ ۾ انهيءَ جي واکاڻ گونجي.
ائين ڪرڻ سان هن هڪڙو نئون گيت منهنجي وات اندر وڌو، اهو ئي گيت جيڪو اسان جي خدا جي واکاڻ سان ڀرپور آهي. اهو ڏسي گھڻا ئي خداوند جي تعظيم ڪندا ۽ مٿس توڪل رکندا.
بيشڪ اهي انسان سڀاڳا آهن، جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن، ۽ مغرورن ۽ ڪُوڙن معبودن ڏانهن مائل ڪين ٿا ٿين.
اي ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪؤ! خداوند جي واکاڻ ڳايو. اوهين خداوند جي واکاڻ جو هڪ نئون گيت ڳايو.
اوهين خداوند جي لاءِ ڪو نئون گيت ڳايو، ڇوجو هن عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريا آهن. هن پنهنجي زورآور هٿ، هائو، پنهنجي الاهي قدرت سان فتح حاصل ڪئي آهي.
اي سڄيءَ دنيا وارؤ! خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو. هائو، سندس واکاڻ ڳايو. اي سامونڊي جهازرانؤ! اي سامونڊي مخلوق! اي ڏورانهن ملڪن وارؤ! اوهين سڀ سندس واکاڻ ڳايو.
مسيح بابت پيغام کي پوريءَ طرح پاڻ ۾ رهڻ ڏيو ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هڪٻئي کي تعليم ڏيندا ۽ نصيحت ڪندا رهو. ان سان گڏ دل سان خدا جي شڪرگذاري ڪندي زبور، گيت ۽ روحاني راڳ ڳائيندا رهو.
اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي اڳيان بيهي هڪ نئون گيت ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي دنيا مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو گيت سکي ٿي سگھيا.
گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.