2 اوهين سارنگي وڄائيندي خداوند جو شڪرانو ڪريو. اوهين ڏهن تارن واري دنبوري تي انهيءَ جي واکاڻ ڳايو.
2 بربط سان خداوند جو شڪر ڪريو: ڏهن تارن جي تنبوري تي هن جي تعريف ڳايو.
دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو دڦ، کنجريون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا، جوش وَ خروش سان خداوند جي حضور ۾ نچندا ۽ ڳائيندا پئي هليا.
دائود لاوين جي اڳواڻن کي چيو تہ هو پنهنجن لاوي ڀائرن مان ڪي ڳائڻا مقرر ڪن، تہ جيئن اهي دنبورن، سارنگين ۽ ٽلين جا ساز وڄائي وڏي آواز سان خوشيءَ جا گيت ڳائين.
سو بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻندي ۽ نفيلون، شرنايون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي خداوند جي عهد واري صندوق يروشلم ۾ کڻي آيا.
يدوتون سان گڏ سندس ڇهہ پٽ جِدلياہ، ضري، يسعياہ، سمعي، حسبياہ ۽ متتياہ هئا، جيڪي پنهنجي پيءُ يدوتون جي نگرانيءَ هيٺ سارنگيون وڄائيندي خداوند جي شڪر ۽ تعريف سان سندس ڏنل پيغام ٻڌائيندا هئا.
اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي نگرانيءَ هيٺ خداوند جي هيڪل ۾ عبادت لاءِ ٽليون، دنبورا ۽ سارنگيون وڄائيندا هئا. آسف، يدوتون ۽ هيمان پاڻ بادشاهہ جي نگرانيءَ هيٺ هئا.
اي خدا! آءٌ تنهنجي حضور ۾ هڪ نئون گيت ڳائيندس، آءٌ ڏهن تارن وارو دنبورو وڄائي تنهنجي واکاڻ ڪندس.
ڀلي تہ هو نچندي ڪُڏندي سندس نالي جي واکاڻ ڪن. هو دڦ ۽ سارنگيون وڄائي سندس تعريف ڳائين.
اي منهنجا خدا! آءٌ سارنگي وڄائي، تنهنجي وفا جي واکاڻ ڪندس. اي بني اسرائيل جا پاڪ معبود! آءٌ دنبورو وڄائي تنهنجي تعريف ڳائيندس.
ڏهن تارن واري ساز سان توڙي سارنگيءَ ۽ دنبوري جي مٺي آواز سان تنهنجي شفقت جي واکاڻ ڳائڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي!
ڇوجو اي خداوند! تو پنهنجي ڪمن سان مون کي ڏاڍو خوش ڪيو آهي. هائو، تنهنجي قدرت وارن ڪمن سبب آءٌ سرهائيءَ مان ڳايان ٿو.
تڏهن هارون جي ڀيڻ مريم جيڪا نبياڻي هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دڦ کنيو ۽ سڀ عورتون دڦ کڻي نچنديون سندس پٺيان هليون.
ان وقت مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو. اهو آواز اهڙو بہ هو جو ڄڻ تہ ستارَ وارن ستارَ پئي وڄايا.
جڏهن هن اهو ويڙهوٽو ورتو تہ اهي چارئي ساهوارا ۽ چوويهہ بزرگ انهيءَ گھيٽڙي جي پيرن تي ڪري پيا. انهن بزرگن مان هر هڪ جي هٿن ۾ هڪڙي ستارَ ۽ لوبان سان ڀريل سونو پيالو هو. اهو لوبان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جون دعائون هيون.