Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 32:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اي خداوند! مون کي بہ تون تڪليفن کان بچائين ٿو، ڇاڪاڻ تہ منهنجي جاءِ‌پناهہ تون ئي آهين. تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ آهين: تون مون کي تڪليفن کان بچائيندين؛ تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 32:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن خداوند دائود کي سندس سڀني دشمنن ۽ سائول جي هٿان بچائي آرام ڏنو، تڏهن هن خداوند جي حضور ۾ هي گيت ڳايو تہ


تون منهنجي جاءِ‌پناهہ ۽ منهنجو محافظ آهين، منهنجي اميد تنهنجي واعدي تي ئي آهي.


اي خداوند! مون کي منهنجي دشمنن کان ڇڏاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پناهہ لاءِ تو وٽ ئي ڊوڙي آيو آهيان.


منهنجي چوڌاري پاتال جا رسا پيل هئا، منهنجي مٿان موت جا ڦندا اچي پيا هئا.


مصيبت جي وقتن تي هو مون کي پنهنجي مقدس خيمي ۾ پناهہ ڏيندو، ۽ مون کي خيمي جي پردي اندر لڪائي رکندو. هو مون کي ٽڪر جي چوٽيءَ تي چاڙهي حفاظت ۾ رکندو.


تون انهن کي انساني سازشن کان بچائي پنهنجي حضور ۾ حفاظت سان ٿو رکين. تون انهن کي ماڻهن جي تهمتن کان لڪائي پنهنجي پناهہ ۾ ٿو رکين.


اي سچارؤ! ڏسو، بدڪار ماڻهن جي سر تي گھڻيون ئي مصيبتون اينديون آهن، پر جن جو ڀروسو خداوند تي آهي، تن کي چوڌاري رحمتون گھيرو ڪيو ٿيون رهن.


ائين ڪرڻ سان هن هڪڙو نئون گيت منهنجي وات اندر وڌو، اهو ئي گيت جيڪو اسان جي خدا جي واکاڻ سان ڀرپور آهي. اهو ڏسي گھڻا ئي خداوند جي تعظيم ڪندا ۽ مٿس توڪل رکندا.


اي خداوند! سچارن کي تون ئي برڪتون عطا ڪندين. تون پنهنجيءَ ٻاجھہ سان ڍال وانگر سندن بچاءُ ڪندين.


بيشڪ اي خداوند! تون مظلومن جي جاءِ‌پناهہ آهين. تون ئي مصيبت جي وقت تي سندن محفوظ قلعو آهين.


اي اوهين! جيڪي خدا تعاليٰ جي پناهہ ۾ رهو ٿا، هائو، اوهين جيڪي قادرِمطلق جي پاڇي ۾ ٿا رهو،


اوهين خداوند جي لاءِ ڪو نئون گيت ڳايو، ڇوجو هن عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريا آهن. هن پنهنجي زورآور هٿ، هائو، پنهنجي الاهي قدرت سان فتح حاصل ڪئي آهي.


اٽلندو بادشاهہ پنهنجي شهزادي يرحمئيل ۽ شراياہ ولد عزري ايل ۽ سلمياہ ولد عبدي ايل نالي عملدارن کي حڪم ڏنو تہ ”وڃو، باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ کي گرفتار ڪري اچو.“ پر خداوند اسان کي لڪائي ڇڏيو هو.


ڇاڪاڻ تہ اوهين مري ويا آهيو ۽ اوهان جي زندگي هاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آهي.


اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”ڇوٽڪارو تخت تي ويٺل اسان جي خدا جي طرفان ۽ گھيٽڙي جي طرفان آهي.“


تڏهن انهيءَ ئي ڏينهن برق ولد ابي‌نوعم سان گڏجي دبورہ هي گيت ڳايو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ