Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 32:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن مون سوچيو تہ ”آءٌ خداوند آڏو پنهنجي سڀني گناهن جو اقرار ڪندس.“ پوءِ مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ تو کان پنهنجي ڪا بڇڙائي ڪين لڪايم. تڏهن تو منهنجي هر بڇڙائي مون کي معاف ڪري ڇڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ مون پنهنجي برائي ڪين لڪائي: مون چيو تہ آءٌ خداوند وٽ پنهنجن گناهن جو اقرار ڪندس؛ ۽ تو منهنجن گناهن جي برائي معاف ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 32:5
37 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ ”بيشڪ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“ ناتن دائود کي چيو تہ ”پوءِ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪري ڇڏيو، سو تون مرندين ڪين.


تہ پوءِ تو ڇو مون خداوند جي فرمان کي خسيس ڄاڻيندي اهڙو ڪم ڪيو، جيڪو منهنجي نظر ۾ برو آهي؟ تو اورياہ حتيءَ کي جنگ ۾ مارايو. هائو، تو هن کي بني عمون جي هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ سندس زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي.


پر ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود جي دل بي‌چين ٿيڻ لڳي. سو هن خداوند کي چيو تہ ”جيڪي مون ڪيو آهي، سو هڪڙو وڏو گناهہ ڪيو اٿم. پر هاڻي اي خداوند! آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ مون هي ڏاڍو بي‌عقليءَ وارو ڪم ڪيو آهي.“


ان دوران دائود جڏهن ماڻهن کي مارڻ واري ملائڪ کي ڏٺو، تڏهن خداوند کي چيائين تہ ”ڏس، مون ئي گناهہ ڪيو آهي ۽ آءٌ ئي ڏنگي هلت هليو آهيان، پر هنن مسڪينن جو ڪهڙو قصور آهي؟ سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تنهنجو هٿ منهنجي ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي جي ئي خلاف ٿئي.“


تنهنجي قوم جيڪي تنهنجا گناهہ يا خطائون ڪيون آهن، سي سڀ کين معاف ڪر ۽ جن کين قيد ڪيو هجي تن جي اڳيان مٿن رحم ڪج تہ جيئن اهي بہ مٿن ترس کائين.


تہ تون ماڻهن جي دعا ٻڌج. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا تنهنجي سڄي بني اسرائيل قوم پنهنجي ڏک ۽ درد کي ڄاڻيندي دانهن ڪري يا دعا گھري پنهنجا هٿ هن گھر ڏانهن کڻي،


هاڻي اوهان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا اڳيان پنهنجا گناهہ باسيو ۽ سندس مرضيءَ مطابق هلو. ملڪ جي ٻين قومن کان ۽ ڌارين زالن کان پاڻ کي الڳ ڪريو.“


ڇا مون ڪڏهن پنهنجو ڪو گناهہ لڪايو آهي، جيئن انسان بڇڙائيءَ کي پنهنجيءَ دل ۾ لڪائي رکڻ لاءِ ڪندا آهن؟


پوءِ اهو انسان ماڻهن جي اڳيان اعتراف ڪندي چوي ٿو تہ ’بيشڪ مون گناهہ ڪيو هو، ۽ سچائيءَ جي راهہ کان ڦري ويو هئس، پر خدا مون کي سزا ڪين ڏني، جنهن جو آءٌ لائق هئس.


جيترو اوڀر اولهہ کان پري آهي، اوترو ئي هو اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪري ٿو.


هائو، هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجا سمورا گناهہ معاف ٿو ڪري. هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجي سمورن مرضن کان مون کي شفا ٿو ڏئي.


سو اي خداوند! مون ڏانهن توجھہ ڪر، ۽ مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ بلڪل اڪيلو ۽ ڏکن ۾ ڦاٿل آهيان.


تون منهنجي ڏکن ۽ تڪليفن تي نظر ڪر، ۽ منهنجا سمورا گناهہ معاف ڪر.


سندس غصو رڳو هڪ پل جو آهي، پر سندس ڪرم عمر ڀر جو آهي. رات جو شايد روئڻو پوي، پر صبح جو خوشي ملي ٿي وڃي.


بيشڪ آءٌ پنهنجيون بدڪاريون قبول ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي گناهن جي ڪري آءٌ پشيمان آهيان.


جيڪي بنا سبب منهنجا دشمن ٿيا آهن سي زورآور آهن. جيڪي ناحق مون سان عداوت ٿا رکن سي وڌي گھڻا ٿي ويا آهن.


ڏس، تون باطن جي سچائيءَ کي پسند ٿو ڪرين، تنهنڪري باطن منجھہ ئي مون کي دانائي سيکار.


جيئن تہ اي ڌڻي! تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون دائمي شفقت ۽ وفا سان ڀرپور آهين، ۽ غصي ڪرڻ ۾ ڍرو آهين،


هن ڪري جو اي منهنجا ڌڻي! تون ئي معاف ڪندڙ ۽ ڀلو آهين. جيڪي تو کي پڪارين ٿا تن تي تون دائمي شفقت ڪندڙ آهين.


جيڪو پنهنجا گناهہ نہ ٿو باسي، سو زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ڪامياب نہ ٿيندو. مگر جيڪو پنهنجا گناهہ قبول ڪندي انهن کان توبهہ‌تائب ٿئي ٿو، تنهن تي خدا پنهنجو رحم نازل ڪندو.


زناڪار عورت جو طريقو ڪهڙو نہ عجيب آهي. هوءَ زناڪاري تہ ڪري ٿي، پر پوءِ وهنجي سهنجي چوي ٿي تہ ”مون تہ ڪا بڇڙائي ڪئي ئي ڪونهي.“


اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا، تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.


تون ڪيئن ٿي چوين تہ ’مون پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪيو آهي، نڪي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿم‘؟ ياد ڪر، تو ماٿريءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو. تون هڪڙي وهريل ڏاچيءَ وانگر آهين، جيڪا يَل پئي ڊوڙي.


انهيءَ هوندي بہ تون چوين ٿي تہ ’آءٌ بي‌گناهہ آهيان، يقيناً خداوند جي ڪاوڙ مون تان ٽري ويئي آهي.‘ پر ياد رک، آءٌ خداوند تو کي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ تون انڪاري آهين تہ تو گناهہ نہ ڪيو آهي.


اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.


ڇا اسرائيل وارا مون کي پٽ جيان پيارا نہ آهن؟ هائو، جيئن ڪو سڪيلڌو فرزند هوندو آهي، تيئن ئي اهي مون لاءِ آهن. توڙي جو آءٌ اڪثر هنن جي خلاف ڳالهائيندو آهيان، تہ بہ هو منهنجي دل کي ويجھو آهن. بيشڪ منهنجي دل هنن لاءِ سڪي ٿي، سو آءٌ مٿن بيحد رحم ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اچو تہ خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هن ئي چيريو ڦاڙيو آهي، ۽ هو ئي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو، هائو، هن ئي ڌڪ رسايا آهن ۽ هو ئي مرهم پٽي ڪندو.


انهن ڳالهين مان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ جڏهن کيس پنهنجي ڏوهاري هجڻ جي خبر پوي تڏهن قبول ڪري تہ ’فلاڻي ڳالهہ ۾ مون گناهہ ڪيو آهي.‘


ڀلا ڪو انسان مون خدا سان بہ ٺڳي ڪندو؟ پر اوهين مون سان ٺڳي ٿا ڪريو ۽ وري پڇو بہ ٿا تہ ’ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسين تو سان ٺڳي ٿا ڪريون؟‘ اوهين ڪمائيءَ جي ڏهين حصي ۽ نذرانن ڏيڻ ۾ مون سان ٺڳي ٿا ڪريو.


تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“


انهيءَ ڪري آءٌ تو کي چوان ٿو تہ هن جا گناهہ، جيڪي گھڻا هئا معاف ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هن گھڻو پيار ڪيو آهي. پر جنهن جا گناهہ ٿورا هئا جيڪي معاف ڪيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“


هڪٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح جي وسيلي اوهان کي معاف ڪيو، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو.


تڏهن يشوع عڪن کي چيو تہ ”اي پٽ! خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ. جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ، اهو مون کان نہ لڪاءِ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ