Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 30:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تان‌تہ آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي تعريف ڳائيندو رهان. اي خداوند، منهنجا خدا! آءٌ هميشہ هميشہ تنهنجو شڪر پيو ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 انهيءَ لاءِ تہ منهنجو روح تنهنجي تعريف ڳائڻ کان ماٺ نہ ڪري. اي خداوند منهنجا خدا، آءٌ هميشہ تنهنجو شڪرانو مڃيندو رهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 30:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ ڪڏهن بہ اوهان جي صلاح تي نہ هلندس، هائو، اوهان جي منصوبن ۾ هرگز شامل نہ ٿيندس، ڇو تہ ڪاوڙ ۾ اوهان ماڻهن کي قتل ڪيو آهي، ۽ پنهنجي خودسريءَ ۾ ڍڳن کي جڏو ڪيو اٿوَ.


اهو وقت يهودين لاءِ خوشيءَ، سرهائيءَ، جشن ۽ بلند رتبي جو وقت هو.


انهيءَ ڪري جو انهن ڏينهن تي يهودين کي پنهنجن دشمنن کان آرام مليو ۽ ان مهيني ۾ سندن لاءِ ڏک بدلجي سک ٿيو ۽ سندن ماتم خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. هن انهن ڏانهن لکيو تہ هو اهي ڏينهن دعوتون کائڻ، هڪٻئي ڏانهن عيدون موڪلڻ ۽ غريبن ۾ خيراتون ڏيڻ سان ملهائين.


آءٌ پنهنجي خداوند جي واکاڻ پيو ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان گھڻي ڀلائي ڪئي آهي.


روزانو آءٌ تو کي برڪت وارو چوندو رهندس، ۽ تنهنجي نالي جي سدائين واکاڻ ڪندو رهندس.


انهيءَ ڪري آءٌ پوريءَ طرح امن وَ سلامتيءَ سان رهان ٿو، ۽ پنهنجي دل وَ جان سان خوشيون ٿو ملهايان.


سو اسين هر وقت تو خدا تي فخر ڪندا ٿا رهون. هائو، اسين هميشہ تنهنجي نالي جي ئي واکاڻ ٿا ڪريون.


آءٌ ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيندس، ۽ پنهنجي سارنگي ۽ دنبوري کي بہ جاڳائيندس. هائو، آءٌ پرهہ ڦٽيءَ جو اُٿي تنهنجا گيت ڳائيندس.


پر آءٌ سدائين تو ۾ پنهنجي اميد پيو رکندس، ۽ تنهنجي واکاڻ وڌ کان وڌ پيو ڪندس.


تو مون کي ڇڏايو آهي، سو آءٌ گيت ڳائيندي تنهنجي واکاڻ ڪندس. هائو، آءٌ دل وَ جان سان خوشيون ملهائي تنهنجي تعريف ڪندس.


خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني، ۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان. اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن. اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، تان‌تہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.


عيسيٰ کين چيو تہ ”جيڪڏهن هنن ماٺ ڪئي تہ خود پٿر وٺي پڪاريندا.“


اهو ناممڪن آهي تہ اسين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آهن.“


چوڻ لڳا تہ ”آمين. اسان جي خدا جي واکاڻ، عظمت، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت هميشہ هميشہ تائين هجي. آمين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ