8 بيشڪ تنهنجي ئي طرفان رهائي ٿي ملي. شال تنهنجي قوم تي سدائين تنهنجي برڪت هجي.
8 نجات خداوند وٽان آهي؛ شل تنهنجي برڪت تنهنجي اُمت تي هجي.
تڏهن سمہ پوک کي بچائڻ لاءِ ان جي وچ ۾ ٿي بيهي رهيو ۽ فلستين کي قتل ڪري ڇڏيائين. خداوند کيس وڏي فتح بخشي.
اي خداوند! مون کي اچي بچاءِ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجو ئي آهيان، ۽ هميشہ تنهنجي قاعدن قانونن جو طالبو رهيو آهيان.
شل اهو خداوند پنهنجي قوم کي طاقت عطا ڪري. هائو، شل هو پنهنجي قوم کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي.
تون پنهنجي هن ٻانهي تي ٻاجھہ واري نظر ڪر، ۽ پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي بچاءِ.
شل تہ اهي بدڪار هاريل پاڻيءَ وانگر گم ٿي وڃن. جڏهن اهي پنهنجا تيرڪمان ڇڪين تڏهن سندن تير مڏا ٿين.
شال انهيءَ جو نالو سدائين سڳورو رهي، هائو، جيستائين آسمان ۾ سج قائم رهي. شال سندس وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملي، ۽ سڀيئي قومون هن لاءِ ڀلائي گھرن.
اي خداوند! تون انهن ۾ پنهنجو خوف وجھي ڇڏ، تانتہ اهي ڄاڻي وٺن تہ هو ڪيڏا نہ فاني آهن.
لشڪرن کي گھوڙن جي گھڻائيءَ سان ڪاميابي نہ ٿي ملي، مگر فتح انهيءَ کي ملندي جنهن کي خداوند چاهي.
آءٌ ئي، هائو، فقط آءٌ ئي اڪيلو خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ بچائڻ وارو ناهي.
سچ آهي تہ بتپرستيءَ واريون ٽڪريون ۽ جبل دوکو آهن. پر بني اسرائيل جو ڇڏائجڻ يقيني طور خداوند اسان جي خدا ۾ ئي آهي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اهو ئي خداوند اوهان جو بچائيندڙ خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر ملڪ مان ڪڍي آندو. تنهنڪري اوهان کي مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود بڻائڻ نہ گھرجي ها.
پر آءٌ تنهنجي اڳيان شڪراني سان قرباني ڪندس، جيڪا باس مون باسي آهي سا ضرور پوري ڪندس. اي خداوند! آءٌ مڃان ٿو تہ تون ئي ڇڏائڻ وارو آهين.“
جڏهن عهد واري صندوق رواني ٿيندي هئي، تڏهن موسيٰ چوندو هو تہ ”اي خداوند! اُٿ، تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ جيڪي تو سان ڪينو رکن ٿا سي تنهنجي اڳيان ڀڄي وڃن.“
انهيءَ ڪري خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها برڪت عطا ڪري جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“
ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“
شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسمان جي هر هڪ روحاني برڪت سان مالا مال ڪيو آهي.
ان وقت خدا کيس فرمايو تہ ”يقيناً آءٌ تو کي برڪت مٿان برڪت ڏيندي تنهنجو اولاد گھڻو وڌائيندس.“
بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان کي برڪت جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.
انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي.
اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”ڇوٽڪارو تخت تي ويٺل اسان جي خدا جي طرفان ۽ گھيٽڙي جي طرفان آهي.“