6 آءٌ تہ انهن لکين دشمنن کان بہ نہ ڊڄندس، جيڪي چئني طرفن کان منهنجو گھيرو ڪيو ويٺا آهن.
6 لکين ماڻهو، جن منهنجي برخلاف گهيرو ڪيو آهي، تن کان آءٌ ڪين ڊڄندس.
اتي بني اسرائيل جي انهن جوانن دائود جي لشڪر کان شڪست کاڌي. انهيءَ ڏينهن اتي وڏي خونريزي ٿي، جنهن ۾ ويهہ هزار ماڻهو قتل ٿي ويا.
خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي خلاف ڌرتيءَ جا ٻيا بادشاهہ اُٿي کڙا ٿيا آهن. اهي پاڻ ۾ سازشون ڪري پوءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ
توڙي جو کڻي آءٌ موت جي پاڇي وارين وادين مان لنگھندس، تڏهن بہ آءٌ ڪنهن کان ڪين ڊڄندس، ڇوجو تون مون سان آهين. هائو، تنهنجي لٺ ۽ لڪڻ منهنجي دلجاءِ جو سبب آهن.
تنهنڪري اسان کي ڪو خوف ڪونهي، توڙي ڌرتي ڌڏي اٿلي پوي يا جبل سمنڊ جي تري ۾ وڃي پون،
قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.
اوهين بنا ڪنهن ڳڻتيءَ جي ليٽي آرام ڪندا ۽ سڄي رات سمهي مٺي ننڊ ڪندا.
جيڏانهن اوهين ويندا تہ انهن جون نصيحتون اوهان جي رهنمائي ڪنديون، جڏهن اوهين سمهندا تہ اهي اوهان جي نگهباني ڪنديون ۽ ڏينهن جو جڏهن اوهين جاڳيل هوندا تہ اهي اوهان کي سهڻيون صلاحون ڏينديون.
سو انهن سڀني ڳالهين جي نتيجي ۾ اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جو مخالف ٿي سگھندو؟