4 اي منهنجا خداوند! مون تو کي ڏاڍيان پڪاريو آهي، ۽ تو پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي ورندي ڏني آهي.
4 مون خداوند کي پڪاريو، ۽ هن پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي جواب ڏنو.
تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“
تون منهنجي جاءِپناهہ ۽ منهنجو محافظ آهين، منهنجي اميد تنهنجي واعدي تي ئي آهي.
جنهن ڏينهن مون تو کي پڪاريو تو منهنجو عرض ٻڌو، ۽ مون کي طاقت بخشي منهنجي حوصلي کي وڌايو.
خداوند جيڪو تعريف جي لائق آهي، تنهن کي جڏهن پڪاريان ٿو، تڏهن آءٌ پنهنجي دشمنن کان بچايو ٿو وڃان.
هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“
سو منهنجا دشمن جيڪي منهنجي چوڌاري آهن، تن تي آءٌ غالب پوندس. تڏهن مقدس خيمي اندر آءٌ خوشيءَ جي نعرن سان قربانيون ڪندس. آءٌ ڳائيندي وڄائيندي خداوند جو حمد وَ ثنا ڪندس.
خداوند منهنجي طاقت آهي ۽ اهو ئي منهنجو محافظ آهي. مون هن تي توڪل ڪئي ۽ کانئس مون کي مدد ملي آهي، سو منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي. هاڻ آءٌ سندس شڪراني جا گيت پيو ڳائيندس.
مون خداوند کان دعا گھري ۽ هن منهنجي ٻڌي آهي. هن مون کي منهنجي سڀني خوفن کان ڇڏائي ورتو آهي.
مون مسڪين خداوند آڏو فرياد ڪيو، ۽ خداوند منهنجي ٻڌي ورتي. هن منهنجي سڀني مصيبتن کان مون کي بچائي ورتو.
تون پنهنجو نور ۽ سچائي ظاهر ڪر تہ اهي منهنجي رهبري ڪندي مون کي تنهنجي هيڪل تائين پهچائين، جيڪا تنهنجي پاڪ جبل تي اڏيل آهي.
اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“
اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين هر وقت انهيءَ تي ئي ڀروسو رکو. اوهين پنهنجي دل جون ڳالهيون خدا آڏو کولي رکو، هو ئي تہ اسان جي پناهہ آهي.
اي قادرِمطلق خداوند! ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن جو تو تي ڀروسو آهي!
خدا پنهنجي چونڊيل بندن کي اڳي رويا ۾ هيئن فرمايو هو تہ ”مون پنهنجي قوم مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو آهي. هائو، مون هڪڙي جنگي جوڌي کي سندن بادشاهہ بڻايو آهي.
جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.
اوهين خداوند اسان جي خدا جي ساراهہ ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا ئي پاڪ آهي.
جيڪي سچار ۽ شريف آهن، تن جو خدا مددگار ۽ محافظ آهي.
اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا، تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.
تون منهنجيون دانهون ٻڌڻ کان پنهنجو منهن نہ موڙ، پر اچي منهنجي مدد ڪر ۽ مون کي بچاءِ.
”گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ،
جيڪڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو تڪليف ۾ آهي تہ انهيءَ کي دعا گھرڻ کپي. جيڪڏهن ڪو خوش آهي تہ انهيءَ کي واکاڻ جا گيت ڳائڻ گھرجن.