Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 29:3 - Muslim Sindhi Bible

3 خداوند جو آواز بحرن تي آهي، جلال وارو خدا گجگوڙ ڪري ٿو. بيشڪ وسيع بحرن جي مٿان انهيءَ جو آواز گونجي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 خداوند جو آواز پاڻين تي آهي: جلال وارو خدا گجڪار ٿو ڪري، هائو خداوند گهڻن پاڻين تي گجڪار ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 29:3
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گجگوڙ طوفان جي اچڻ جو اعلان ٿي ڪري، ۽ چوپايو مال بہ انهيءَ جي اچڻ جي خبر ڏئي ٿو.


ڇا تنهنجي بازن ۾ مون خدا جهڙي طاقت آهي؟ ڇا تون منهنجي آواز وانگر گجگوڙ ڪري ٿو سگھين؟


تو پنهنجي ماڙين کي آسمان تي تعمير ڪيو آهي. تون ڪڪرن کي پنهنجي سواري بڻائين ٿو، ۽ واءُ جي بازن تي پرواز ڪرين ٿو.


جڏهن ٽئين ڏينهن جو صبح ٿيو تہ گجگوڙ ٿيڻ لڳي ۽ وڄ چمڪڻ لڳي. پوءِ هڪڙو گھاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو ۽ نفيل جو اهڙو تہ تمام وڏو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جو خيمي‌گاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.


اوهين خداوند کان دعا گھرو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ اوهان کي وڃڻ ڏيندس. هاڻي اوهان کي هتي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.“


پوءِ موسيٰ فرعون وٽان نڪري شهر کان ٻاهر آيو ۽ دعا لاءِ پنهنجا هٿ خداوند ڏانهن کنيائين. تڏهن اوچتو گجگوڙ، ڳڙا ۽ مينهن سڀ بند ٿي ويا.


تڏهن جيڪي ماڻهو اتي بيٺا ٻڌي رهيا هئا، تن مان ڪن چيو تہ ”آسمان مان گجگوڙ ٿيو“ ۽ ٻين وري چيو تہ ”ڪنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو آهي.“


تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگؤ! منهنجي ٻڌو. خداءِ‌ذوالجلال اسان جي وڏي ابراهيم تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو مسوپتاميہ ۾ رهندو هو.


پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


انهيءَ تي کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون ۽ ڌرتيءَ تي وڏو زلزلو آيو. اهڙي قسم جو زلزلو انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڌرتيءَ تي ڪڏهن بہ ڪونہ آيو آهي.


پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آهي، تنهن جي بادشاهي زمين تي قائم ٿي ويئي آهي.


انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آهن.


پوءِ ملائڪ اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي قربان‌گاهہ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو.


جڏهن سموئيل ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري رهيو هو، تڏهن فلستي بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويجھا آيا. پوءِ خداوند انهيءَ ئي مهل ايڏي تہ وڏي گجگوڙ سان فلستين تي گجيو، جو انهن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ اهي پٺي ڏيئي وٺي ڀڳا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ