Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 28:7 - Muslim Sindhi Bible

7 خداوند منهنجي طاقت آهي ۽ اهو ئي منهنجو محافظ آهي. مون هن تي توڪل ڪئي ۽ کانئس مون کي مدد ملي آهي، سو منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي. هاڻ آءٌ سندس شڪراني جا گيت پيو ڳائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 خداوند منهنجي طاقت ۽ منهنجي ڍال آهي؛ انهيءَ تي منهنجيءَ دل جو ڀروسو آهي، ۽ مون کي مدد ملي آهي: تنهن ڪري منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي؛ ۽ آءٌ گيت ڳائي سندس تعريف ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 28:7
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


مون تہ تنهنجي لافاني شفقت تي توڪل ڪئي آهي. جيڪڏهن تون مون کي ڇڏائي وٺندين تہ منهنجي دل خوش ٿيندي.


آءٌ پنهنجي خداوند جي واکاڻ پيو ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان گھڻي ڀلائي ڪئي آهي.


اي خداوند! اي منهنجا محافظ! ۽ اي مون کي ڇڏائڻ جو حق رکندڙ! شال منهنجيون ڳالهيون ۽ منهنجا خيال تو وٽ قبول پون!


اي خداوند! تنهنجي ڏنل طاقت تي بادشاهہ بيحد خوش آهي. تو کيس جيڪا فتح بخشي آهي تنهن لاءِ هو ڪيڏو نہ سرهو آهي!


اسان جي ابن ڏاڏن تو تي ڀروسو رکيو. هائو، تو تي ئي سندن ڀروسو هو ۽ تو ئي کين ڇڏايو.


خداوند ئي پنهنجي قوم جي طاقت آهي. هو پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ لاءِ محفوظ قلعو آهي.


پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.


اي منهنجا خداوند! مون تو کي ڏاڍيان پڪاريو آهي، ۽ تو پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي ورندي ڏني آهي.


تنهنجي ٻاجھہ جي ڪري اسان جون دليون خوش ٿيون رهن، سو تنهنجي پاڪ نالي تي ئي اسان جي توڪل آهي.


خداوند سچارن کي بچائي وٺي ٿو. اهو ئي مصيبت جي وقت تي سندن جاءِ‌پناهہ آهي.


ائين ڪرڻ سان هن هڪڙو نئون گيت منهنجي وات اندر وڌو، اهو ئي گيت جيڪو اسان جي خدا جي واکاڻ سان ڀرپور آهي. اهو ڏسي گھڻا ئي خداوند جي تعظيم ڪندا ۽ مٿس توڪل رکندا.


ڇاڪاڻ تہ اي خدا! تون ئي منهنجو محافظ آهين. پوءِ تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ ڇو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


تنهنڪري اسان کي ڪو خوف ڪونهي، توڙي ڌرتي ڌڏي اٿلي پوي يا جبل سمنڊ جي تري ۾ وڃي پون،


آءٌ گيت ڳائيندي خدا جي نالي جي واکاڻ ڪندس، ۽ شڪرگذاريءَ سان انهيءَ جي تعظيم بيان ڪندس.


انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.


هو اوهان تي پنهنجي پرن جي ڇانوَ ڪندو، ۽ اوهين سندس حفاظت ۾ رهندا. سندس وفا اوهان جي واسطي ڍال ۽ پناهہ ٿيندي.


بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“


هر ڪو مون بابت چوندو تہ ’بيشڪ خداوند ئي فتح ۽ طاقت بخشيندڙ آهي.‘ پر جيڪي مون کان ڦريل هوندا، سي سڀ مون آڏو خوار خراب ٿيندا.


خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.


انهيءَ کان علاوہ اوهين سڀ خداوند عيسيٰ ۾ سندس قدرت سان ڀرپور ٿي طاقتور ٿيو.


اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ