Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 28:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تون انهن کي سندن ڪمن ۽ افعالن جي برائيءَ موجب بدلو ڏي. تون انهن کي سندن هٿن جو ڪيتو لوڙاءِ، ۽ کين اهڙي سزا ڏي جنهن جي هو لائق آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 انهن کي سندن ڪمن ۽ افعالن جي برائيءَ موجب بدلو ڏي: اُنهن کي سندن هٿن جو ڪيتو لوڙاءِ؛ ۽ کين جوڳي سزا ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 28:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ آءٌ مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان، تڏهن بہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ ڪمزور آهيان. جڏهن تہ هي قاتل، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن. خداوند شل بڇڙائي ڪندڙ کي سندس بڇڙائيءَ موجب بدلو ڏئي.“


جيڪي ڪجھہ اسان جي بڇڙن ڪمن ۽ وڏن گناهن جي ڪري اسان سان ٿيو آهي، بيشڪ تو اسان جي خدا، انهن جي مقابلي ۾ اسان جي گناهن کان گھٽ سزا ڏني آهي، جو اسان مان هيترا ڄڻا باقي بچي ويا آهن.


هو اسان جي ڪيل گناهن موجب اسان سان هلت نہ ٿو ڪري، نڪي وري اسان جي بڇڙاين مطابق اسان کي بدلو ڏئي ٿو.


اي بادشاهہ! تون انهن جو اولاد بني آدم مان نابود ڪري ڇڏيندين. هائو، تون ڌرتيءَ تان سندن نسل کي ئي مِٽائي ڇڏيندين.


اي خدا! تون انهن کي ڏوهي قرار ڏي. شل هو پنهنجين ئي سازشن سان برباد ٿين! تون انهن کي سندن گھڻن گناهن جي ڪري ڌڪي ڪڍي ڇڏ، ڇوجو هنن تنهنجي اڳيان سرڪشي پئي ڪئي آهي.


سو اي خداوند! اهي جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا، تنهن موجب کين سزا ڏي.


خداوند ياجوج کي اهو بہ فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون پنهنجيءَ دل ۾ هڪڙو برو منصوبو رٿيندين.


سو خدا جي مهربانيءَ ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي مهرباني ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس مهربانيءَ جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.


پتل جا ٿانوَ ٺاهڻ واري سڪندر مون سان گھڻي بڇڙائي ڪئي آهي. خداوند عيسيٰ هن کي پنهنجو ڪيتو لوڙائيندو.


اي بدلو وٺڻ وارؤ! جهڙو سلوڪ بابل ٻين سان ڪيو، تهڙو اوهين بہ هن سان ڪريو. جيڪا بڇڙائي هن ڪئي آهي، تنهن جو کيس ٻيڻو بدلو ڏيو. هائو، جيڪو پيالو هن ٻين لاءِ تيار ڪيو آهي، تنهن پيالي کي ٻيڻو گھاٽو ڪري کيس ڏيو.


جيئن خداوند عيسيٰ چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان ۽ منهنجو اجر مون ساڻ آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي سندس عملن موجب بدلو ڏيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ