Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 28:2 - Muslim Sindhi Bible

2 آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن هٿ کڻي تو کي پڪاريان ٿو، منهنجي منٿ ٻڌي تون منهنجي مدد ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 جڏهن آءٌ تنهنجي پاڪ حجري ڏانهن پنهنجا هٿ کڻي توکي پڪاريان، تڏهن تون منهنجي دعا جو آواز ٻڌ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 28:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هيڪل جي پٺين پاسي مقدس ترين جاءِ ۾ خداوند جي عهد واري صندوق رکڻي هئي.


هيڪل جي ٻاهرين ڀتين سان هيڪل جي پٺيان ۽ ٻنهي پاسن کان هن ٽي منزلہ حجرا ٺهرايا.


تہ تون ماڻهن جي دعا ٻڌج. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو يا تنهنجي سڄي بني اسرائيل قوم ڏکايل دل سان دعا يا دانهن ڪري پنهنجا هٿ هن گھر ڏانهن کڻي،


پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن ڦري وڃن ٿا، تن کي تون بدڪارن سان گڏ سزا ڏي! شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!


اي ڌڻي! تون منهنجو آواز ٻڌ، اي منهنجا رب! منهنجي منٿ واري آواز تي پنهنجو ڪن ڏي.


اوهين پنهنجا هٿ مقدس جاءِ ڏانهن کڻو، ۽ خداوند جي واکاڻ ڪريو.


آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪندس. تنهنجي دائمي ٻاجھہ ۽ سچائيءَ جي ڪري، آءٌ تنهنجي نالي جو شڪرانو ادا ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تو پنهنجي نالي ۽ قول کي هر شيءِ کان مٿاهون ڪيو آهي.


آءٌ تو خداوند کي پنهنجو ئي خدا چوان ٿو. سو اي خداوند! منهنجي منٿن تي پنهنجو ڪن ڏي.


اي خداوند! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، تون منهنجي فرياد تي پنهنجو ڪن ڏي، ۽ جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.


شال منهنجو هٿ بلند ڪري دعا گھرڻ ائين قبول پوي، جيئن لوبان ساڙڻ يا شام جي پيش ڪيل قرباني تو وٽ قبول پوي ٿي.


تڏهن آءٌ پنهنجا هٿ تو ڏانهن ڊگھيريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پياسي ڌرتيءَ جيان تنهنجو سِڪايل آهيان.


پر تنهنجي دائمي شفقت جي ڪري آءٌ تنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندس. آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندي تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪندس.


جيستائين آءٌ جيئرو رهندس، تو کي سڳورو چوندو رهندس. تنهنجو نالو وٺي دعا لاءِ پنهنجا هٿڙا پيو کڻندس.


اُٿ سجاڳ ٿيءُ، سڄي رات جاڳي پروردگار کي مدد لاءِ ٻاڏائيندو رهہ. هائو، رب آڏو پنهنجيءَ دل جا سڀيئي سور کولي بيان ڪر. جيڪي باقي بچي ويل تو اندر موجود آهن، تن جي حياتي بچائڻ لاءِ خداوند کان رحم جي دعا گھر. سندن ٻار شهر جي هر گھٽيءَ ۾ بک وگھي پيا مرن.


جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري.


تڏهن پنهنجي سازش مطابق انهن ماڻهن اچي دانيال کي سندس خدا آڏو سوال ڪندي ڏٺو.


منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر عبادت ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پاڪ هٿن سان دعا گھرن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ