Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 28:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي خداوند! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، اي منهنجا محافظ! منهنجي ٻڌي تون اڻ‌ٻڌي نہ ڪر. ائين نہ ٿئي جو تون منهنجي طرف ڏانهن خاموش رهين، پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر اندر لهي ٿا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اي خداوند، آءٌ توکي پڪاريندس؛ اي منهنجا ٽڪر، منهنجي ٻڌي اڻٻڌي نہ ڪر: متان ائين ٿئي تہ جڏهن تون مون ڏانهن خاموش رهين، تہ پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جي قبر ۾ ٿا پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 28:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ هن منهنجي جان کي قبر ۾ پوڻ کان بچائي ورتو آهي، سو آءٌ هن روشن دنيا جو لطف وٺڻ لاءِ جيئرو رهندس.‘


اي خداوند! آءٌ بلند آواز سان تو کي فرياد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ وڏي آواز سان تو خداوند کي منٿون ٿو ڪريان.


آءٌ تنهنجي حضور ۾ پنهنجو فرياد پيش ٿو ڪريان، هائو، آءٌ تو آڏو پنهنجا ڏک بيان ڪريان ٿو،


اي خداوند! منهنجي جلدي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. تون مون کان منهن نہ موڙ، متان آءٌ مئلن جيان قبر ۾ وڃي پوان.


خداوند منهنجو حفاظت ڪندڙ آهي، هو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي. خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.


اي منهنجا خدا! آءٌ ڏينهن رات تو کي پڪاريندو ٿو رهان، پر تون منهنجي دانهن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏين.


اي منهنجا خداوند! مون تو کي ڏاڍيان پڪاريو آهي، ۽ تو پنهنجي پاڪ جبل تان مون کي ورندي ڏني آهي.


اي خداوند جا نيڪ بندؤ! اوهين سندس تعريف ڳايو. اوهين هن جي پاڪ نالي جي شڪرگذاري ڪريو.


”اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ قبر ۾ وڃي پوان، تہ پوءِ منهنجي موت مان تو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا پوءِ منهنجي قبر جي مٽي تنهنجي تعريف ڪندي؟ يا اها تنهنجي سچائيءَ کي پڌرو ڪندي؟


اي خداوند! تو پاڻ اهو ڏٺو آهي، سو هاڻي تون خاموش نہ رهہ. اي منهنجا ڌڻي! تون مون کان منهن نہ موڙ.


اي خداوند! تون منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي، منهنجا ڳوڙها وهندي ڏسي تون ماٺ ڪري نہ ويهہ. انهيءَ سبب جو آءٌ تنهنجي هن دنيا ۾ ٿوري وقت جو مهمان آهيان. هائو، آءٌ پنهنجي سڀني ابن ڏاڏن وانگر مسافر آهيان.


آءٌ خدا کي، جيڪو منهنجو محافظ آهي چوان ٿو تہ ”تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟“


اي خدا! اي منهنجا بادشاهہ! منهنجو فرياد ڀريو آواز ٻُڌ. اي خداوند! آءٌ تو کي ئي عرض ٿو ڪريان.


ائين نہ ٿئي جو اها ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏي، يا آءٌ اُونهي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃان، يا وري قبر مون کي ڳهي وڃي.


آءٌ بلند آواز سان خدا آڏو فرياد ڪريان ٿو، هائو، آءٌ خدا آڏو ئي فرياد ٿو ڪريان، تان‌تہ هو منهنجي دانهن ٻڌي.


اي خدا! تون ماٺ نہ ڪر، اي خدا! تون خاموش نہ رهہ، هائو، چپ ڪري نہ ويهہ.


جيتوڻيڪ اهي هينئر چڱا ڀلا ۽ صحتمند آهن، تہ بہ اسين انهن کي هميشہ جي لاءِ مئلن جي دنيا ڏانهن روانو ڪري ڇڏينداسين.


تنهنڪري هميشہ خداوند خدا تي ئي توڪل رکو، ڇاڪاڻ تہ هو ئي ابد تائين اسان جو طاقتور محافظ آهي.


مئلن جي دنيا ۾ ڪوبہ تنهنجي شڪرگذاري يا واکاڻ نہ ٿو ڪري سگھي، نڪي اهي قبر وارا تنهنجي رحمتن کي ڏسڻ جي ڪا اميد رکي ٿا سگھن.


هن کيس انهيءَ اوڙاهہ ۾ اڇلائي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو ۽ تالي تي مُهر هڻي ڇڏيائين، تہ جيئن هزار سالن جي پوري ٿيڻ تائين قومن کي وري گمراهہ نہ ڪري. انهيءَ کان پوءِ ضروري آهي تہ کيس ٿوري وقت لاءِ ڇوڙيو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ