Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 27:5 - Muslim Sindhi Bible

5 مصيبت جي وقتن تي هو مون کي پنهنجي مقدس خيمي ۾ پناهہ ڏيندو، ۽ مون کي خيمي جي پردي اندر لڪائي رکندو. هو مون کي ٽڪر جي چوٽيءَ تي چاڙهي حفاظت ۾ رکندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن هو مون کي پنهنجي تنبوءَ ۾ پناهہ ڏيندو: ۽ مون کي پنهنجي خيمي جي پڙدي ۾ لڪائيندو؛ هو مون کي ٽڪر تي چاڙهي بيهاريندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 27:5
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ کان پوءِ اهو ٻار ڇهن سالن تائين هيڪل ۾ لڪل رهيو ۽ عتلياہ ملڪ تي بادشاهي ٿي ڪئي.


اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟


تون منهنجي جاءِ‌پناهہ ۽ منهنجو محافظ آهين، منهنجي اميد تنهنجي واعدي تي ئي آهي.


توڙي جو آءٌ مصيبتن مان ٿو گذران، تہ بہ تون مون کي محفوظ رکين ٿو، ۽ منهنجي دشمنن جي ڪاوڙ خلاف تون مٿن هٿ کڻين ٿو. بيشڪ تنهنجو زورآور هٿ مون کي بچائي وٺي ٿو.


اک جي ماڻڪيءَ وانگر تون منهنجي حفاظت ڪج. هائو، مون کي پنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ لڪاءِ.


هن منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن جهڙا بڻايا آهن، جن سان آءٌ اوچين جاين تي بہ تيزيءَ ۽ سلامتيءَ سان هلان ٿو.


تون انهن کي انساني سازشن کان بچائي پنهنجي حضور ۾ حفاظت سان ٿو رکين. تون انهن کي ماڻهن جي تهمتن کان لڪائي پنهنجي پناهہ ۾ ٿو رکين.


اي خداوند! بيشڪ تون سڳورو آهين. جڏهن آءٌ گھيري هيٺ آيل شهر وانگر وڪوڙجي ويو هئس، تڏهن تو ئي مون تي پنهنجي دائمي شفقت ڪئي.


هن مون کي خوفناڪ کڏ، ۽ غلاظت واريءَ ڌٻڻ منجھان ٻاهر ڪڍيو، ۽ منهنجا پير ٽڪر تي رکي منهنجي چال کي قائم ڪيائين.


ائين ڪرڻ سان هن هڪڙو نئون گيت منهنجي وات اندر وڌو، اهو ئي گيت جيڪو اسان جي خدا جي واکاڻ سان ڀرپور آهي. اهو ڏسي گھڻا ئي خداوند جي تعظيم ڪندا ۽ مٿس توڪل رکندا.


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“


رحم ڪر، اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو. آءٌ تنهنجي پرن جي ڇانوَ هيٺ پناهہ ٿو وٺان، جيستائين مون تان آفتون ٽري نہ وڃن.


ڌرتيءَ جي ڇيڙي تي آءٌ ڏاڍو دلگير ٿي پيو آهيان، اتان آءٌ تو کي پڪاريان ٿو. تون مون کي انهيءَ مٿاهين ٽڪر تي پناهہ ڏي، جيڪو منهنجي پهچ کان مٿي آهي.


تون هڪ اهڙو مضبوط منارو آهين، جيڪو دشمن کان بچڻ جي لاءِ منهنجي پناهہ آهين.


مصيبت وارن ڏينهن ۾ آءٌ ڌڻيءَ جي طلب ۾ رهان ٿو. سڄي رات منهنجا هٿ ڊگھيريل رهن ٿا ۽ ساڻا ڪين ٿا ٿين. پر تڏهن بہ مون کي تسلي نہ ٿي ملي.


اهي تنهنجي قوم جي خلاف ٺڳيءَ جا ٺاهہ ٿا ٺاهين، هائو، تنهنجي پناهہ ۾ رهندڙن خلاف سازشون ٿا سِٽين.


اي اوهين! جيڪي خدا تعاليٰ جي پناهہ ۾ رهو ٿا، هائو، اوهين جيڪي قادرِمطلق جي پاڇي ۾ ٿا رهو،


جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.


خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.


اي خداوند! مصيبت جي وقت اسين تنهنجا تابعدار بڻياسين. هائو، جڏهن تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني، تڏهن اسان تو آڏو اچي ٻاڏايو.


اي منهنجي قوم وارؤ! پنهنجي گھرن اندر گھڙي وڃو، ۽ پٺيان دروازا بند ڪري ڇڏيو. ٿوريءَ دير لاءِ پاڻ کي لڪايو، جيستائين خدا جي ڪاوڙ لهي وڃي.


انهن مان هر ڪو جھولي کان لڪڻ جي جاءِ وانگر، ۽ طوفانن کان پناهہ جيان هوندو. اهي بيابان مان وهندڙ نهرن وانگر، ۽ ويران زمين مٿان وڏي ٽڪر جي ڇانوَ مثل هوندا.


”يروشلم! اي يروشلم! تون نبين جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيغمبر تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو.


ڇاڪاڻ تہ اوهين مري ويا آهيو ۽ اوهان جي زندگي هاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ