Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 27:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جڏهن بہ بدڪار يعني منهنجا دشمن ۽ ويري منهنجو ماس کائڻ لاءِ مون تي چڙهي اچن ٿا، تڏهن هو ٿاٻا کائي ڪرن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 جڏهن بدڪار ماڻهو، جي منهنجا دشمن ۽ ويري آهن، منهنجو ماس کائڻ لاءِ مون تي ڪاهي آيا، تڏهن اهي ٿاٻا کائي ڪري پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 27:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين ڇو خدا وانگر مون کي ستايو ٿا، ۽ منهنجي حال تي رحم نہ ٿا ڪريو؟


جيڪي بہ مون سان گڏ رهن ٿا، ڇا تن شاهدي نہ ڏني آهي تہ منهنجي دسترخوان تان ڪوبہ مهمان گوشت سان ڍءُ ڪرڻ کان سواءِ نہ ويو آهي؟


اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگر ويڙهي ويون هيون، پر ڪنڊن جي باهہ جيان اهي اک ڇنڀ ۾ ٻري سڙي ويون. هائو، خداوند جي زورآور نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڇا انهن سڀني بدڪارن کي ڪا سمجھہ ڪانهي؟ هو منهنجي ماڻهن کي ائين ٿا کايو وڃن جيئن ماني کائبي آهي. اُهي مون خداوند جو نالو ڪڏهن بہ نہ ٿا وٺن.“


موت جي ڇولين مون کي وڪوڙي ڇڏيو هو، هائو، برباديءَ جي ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏيو هو.


بدڪارن جي ٽولي اچي ڪتن جيان منهنجو گھيرو ڪيو آهي. هنن ڇتن ڪتن جيان منهنجي هٿن پيرن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


اُٿ اي خداوند، منهنجا خدا! مون کي بچاءِ، منهنجي دشمنن جي منهن تي مڪ وهائي ڪڍ. هائو، انهن بڇڙن ماڻهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ.


خدا چوي ٿو تہ ”ڇا انهن بدڪارن کي ڪا سمجھہ ڪانهي؟ هو منهنجي ماڻهن کي ائين ٿا کائين جيئن ماني کائبي آهي. اُهي مون خدا جو نالو ڪڏهن بہ نہ ٿا وٺن.“


تون جڏهن ظاهر ٿو ٿئين، تہ منهنجا دشمن پٺتي هٽيو ٿا وڃن، تو کي ڏسي هو ڦهڪو ڏيئي ڪرن ٿا ۽ مريو ٿا وڃن.


هائو، انهن مان گھڻا ئي ٿاٻڙجي ڪرندا ۽ چيڀاٽجي ويندا ۽ گھڻا ئي پڪڙي جلاوطن ڪيا ويندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ