سو اوهين خداوند تي توڪل رکو، ۽ سندس واٽن تي هلندا رهو. هو اوهان کي سرفراز ڪندو ۽ ملڪ جو وارث بڻائيندو، پوءِ اوهين ويٺا ڏسندا تہ ڪيئن نہ بڇڙن کي برباد ڪيو ٿو وڃي.
تڏهن بہ خداوند کي اهو انتظار آهي، تہ هو اوهان تي رحم ڪري. هائو، هو اوهان تي مهربان ٿيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو. بيشڪ خداوند عادل آهي، ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا تن کي برڪتن سان نوازي ٿو.
مگر جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن، سي نئين سر طاقت حاصل ڪندا. اهي عقابن وانگر پرن سان اوچائيءَ تي اڏامندا. اهي ڊوڙندا، ليڪن ٿڪبا ڪين، اهي هلندا، ليڪن ماندا ڪين ٿيندا.
هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.