زبور 27:12 - Muslim Sindhi Bible12 تون مون کي دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪوڙا شاهد ۽ ظلم جا دڙڪا ڏيندڙ منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible12 مون کي منهنجي دشمنن جي مرضيءَ تي نہ ڇڏ: ڇو جو ڪوڙا شاهد، ۽ ظلم جا ڦوڪارا هڻندڙ منهنجي برخلاف اُٿيا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘