Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 27:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اي خداوند! مون کي پنهنجي سنئين راهہ ڏيکار. تون دشمنن کان بچائيندي مون کي سڌي رستي تي هلاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اي خداوند، مونکي پنهنجو رستو ڏيکار: ۽ منهنجن دشمنن جي سببان مون کي سنئينءَ واٽ تي هلاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 27:11
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو مون دل وَ جان سان تنهنجي طلب ڪئي آهي. اي خداوند! تون مون کي پنهنجي حڪمن کان ڀٽڪڻ نہ ڏجانءِ.


ڏس، اي خداوند! مون کي ڪنهن خراب راهہ تي هلڻ نہ ڏي، بلڪ مون کي انهيءَ راهہ تي وٺي هل جيڪا ابدي راهہ آهي.


جيڪي ماڻهو تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي ئي تون پنهنجو وڻندڙ رستو ڏيکارين ٿو.


جيڪي تنهنجا تابعدار آهن، تن کي سڌيءَ راهہ تي هلائين ٿو. هائو، پنهنجي تابعدارن کي تون پنهنجي واٽ ڏيکارين ٿو.


منهنجا قدم سنئين سڌي رستي تي قائم آهن، سو اي خداوند! آءٌ هيڪل جي وڏين گڏجاڻين ۾ ضرور تنهنجي واکاڻ ڪندس.


اي خداوند! منهنجا دشمن گھڻا ٿي ويا آهن، تنهنڪري منهنجي رهنمائي ڪر. مون کي پنهنجي سچائيءَ جي راهہ ڏيکار، جنهن تي آءٌ سڌو هلندو اچان.


بيشڪ منهنجي دشمنن جي وات ۾ ڪابہ سچائي ڪانهي. هو دل ۾ رڳو تباهي ٿا رکن. هو پنهنجي زبان سان خوشامند ڪن ٿا، پر سندن وات مان نڪتل ڳالهيون ٻين لاءِ موت آهن.


شال هو منهنجي دشمنن تي سندن بڇڙائي موٽائي آڻي! شال هو مون سان وفا ڪندي کين برباد ڪري ڇڏي!


اهي بڇڙائيءَ وارا منصوبا جوڙين ٿا ۽ چون ٿا تہ ”اسان جيڪا سازش سِٽي آهي سا بلڪل مڪمل آهي.“ بيشڪ جيڪي ڳالهيون انسان جي دل ۽ دماغ اندر آهن، تن کي ڪو ٻيو ڄاڻي نہ ٿو سگھي.


اي خداوند! مون کي پنهنجي راهہ ڏيکار تہ آءٌ ان تي وفاداريءَ سان هلان. مون کي اهڙي دل عطا ڪر جيڪا رڳو تو لاءِ وقف هجي، ۽ جيڪا تنهنجو ئي خوف ڪندي رهي.


سُست ماڻهوءَ جو رستو ائين آهي، جيئن ڪنڊن وارو پيچرو هجي، مگر سچائيءَ وارن جي واٽ ائين آهي، جيئن سنئين سڌي شاهي سڙڪ هجي.


جن ماڻهن کي سمجھہ آهي، تن جي نظر ۾ اهي سڀ ڳالهيون درست آهن. هائو، ڄاڻ وارن ماڻهن آڏو اهي بلڪل سچيون آهن.


اتي هڪڙو شاهي رستو هوندو، جنهن کي ”پاڪيزگيءَ وارو رستو“ سڏيو ويندو. ڪوبہ پليت ماڻهو انهيءَ رستي تان گذري نہ سگھندو. رڳو خدا جا ٻانها انهيءَ رستي سان هلندا، ۽ بي‌وقوف بدڪار انهيءَ تي گھمي ڦري نہ سگھندا.


آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“


پوءِ هو عيسيٰ کي اک ۾ رکندا آيا ۽ ڪي ڪرائيدار ڇاڙتا ڇڏيائون تہ اهي سچارن وانگر بڻجي عيسيٰ کي سندس لفظن ۾ ڦاسائين، تہ جيئن پوءِ کيس رومي گورنر جي قبضي ۽ اختيار ۾ ڏين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ