Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 26:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تون مون کي گنهگارن سان گڏي ناس نہ ڪجانءِ، نڪي خوني ماڻهن سان گڏ مون کي موت جي سزا ڏجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 منهنجي جان کي گنهگارن سان شامل نہ ڪر، نڪي منهنجي زندگيءَ کي خوني ماڻهن سان گڏ ڪر:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 26:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شمعيءَ لعنت وجھندي هيئن ٿي چيو تہ ”اي خوني! اي خبيث! نڪري وڃ، نڪري وڃ.


دائود جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو. سو دائود انهيءَ بابت خداوند کان پڇا ڪئي. خداوند کيس فرمايو تہ سائول ۽ سندس خوني گھراڻي جي ڪري اهو حال ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جِبعونين کي قتل ڪيو هو.


ڪاش، اي خدا! تون بدڪار ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏين، تان‌تہ اهي خوني ماڻهو مون آڏو نہ رهن.


اي خدا! اي منهنجا نجات ڏيندڙ! مون کي خون واري ڏوهہ کان ڇڏاءِ. پوءِ منهنجي زبان تنهنجي ان سچائيءَ جا گيت ڳائيندي.


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“


پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ رياڪارن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. تڏهن هو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندو.“


۽ سڀني قومن جا ماڻهو سندس اڳيان حاضر ڪيا ويندا. پوءِ هو انهن کي ٻن ٽولن ۾ ورهائيندو، جيئن ريڍار پنهنجي ڌڻ مان رڍن کي ٻڪرين کان ڌار ڪندو آهي.


پوءِ اهي بہ کيس چوندا تہ ’اي خداوند! ڪڏهن اسان اوهان کي بکايل، اڃايل، پرديسي، اگھاڙو، بيمار يا قيد ۾ ڏٺو جو اسان اوهان جي مدد نہ ڪئي؟‘


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي دائمي زندگي.“


توڙي جو ڪو ماڻهو اُٿي توهان جو پيڇو ڪري ۽ توهان جي جان وٺڻ گھري، تڏهن بہ توهان جي جان خداوند توهان جي خدا جي مهربانيءَ سان حياتيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌل رهندي، پر توهان جي دشمنن جي جانين کي هو ڄڻ کانڀاڻيءَ جي پيچ ۾ رکي پري اڇلائي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ