Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 26:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اي خداوند! جتي تون رهين ٿو، هائو، جنهن جاءِ ۾ تنهنجو جلوو ٿو چمڪي، تنهن سان آءٌ پيار ڪريان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اي خداوند، آءٌ تنهنجي رهڻ جي گهر، ۽ تنهنجي جلال واريءَ جاءِ کي پيار ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 26:8
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ صدوق کي چيو تہ ”خدا جي عهد واري صندوق شهر ڏانهن موٽائي کڻي وڃ. جيڪڏهن خداوند جي مهربانيءَ جي نظر مون تي هوندي تہ هو مون کي موٽائي وري آڻيندو ۽ اها صندوق ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ ٻيئي مون کي ڏيکاريندو.


انهيءَ کان علاوہ مون پنهنجي ذاتي خزاني مان پنهنجي خدا جي گھر سان چاهہ سبب سون ۽ چاندي پڻ مهيا ڪري ڏني آهي.


ڪاهن انهيءَ ڪڪر جي ڪري عبادت نہ ڪري سگھيا، ڇاڪاڻ تہ هيڪل خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويئي هئي.


جڏهن بادشاهہ سليمان اها دعا گھري بس ڪئي، تڏهن آسمان مان باهہ نازل ٿي ۽ قربان‌گاهہ تي پيش ڪيل ساڙڻ واري قرباني ۽ ٻين قربانين کي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين ۽ هيڪل خداوند جي جلوي سان ڀرجي ويئي.


ڪاهن هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي جلوي سان هيڪل ڀرجي ويئي هئي.


اي يروشلم! آءٌ تو لاءِ ائين خير پيو گھرندو رهندس، ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جي خدا جو گھر تو منجھہ آهي.


هاڻ جڏهن آءٌ ماضيءَ کي ياد ٿو ڪريان تہ منهنجي دل روئڻ لاءِ ڀرجي اچي ٿي. ڪيئن نہ انبوہ سان گڏ سندن اڳواڻي ڪندي آءٌ تو خدا جي گھر ايندو هئس، هائو، عيد ملهائيندڙ انبوہ سان گڏ خوشيون ڪندي ۽ واکاڻ ڳائيندي.


يقيناً تنهنجي بارگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن ٻئي هنڌ جي هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بدڪارن جي شاندار خيمن ۾ رهڻ کان، تو خدا جي گھر جو دربان ٿيڻ مون کي وڌيڪ پسند آهي.


اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. تنهنڪري اسين سڀيئي پنهنجي سڄي عمر تنهنجي هيڪل ۾ تار وارن سازن تي تنهنجي واکاڻ ڳائيندا رهنداسين.“


تڏهن حزقياہ يسعياہ کان پڇيو تہ ”مون لاءِ ڪهڙي نشاني آهي تہ آءٌ اُٿي وري هيڪل ۾ عبادت لاءِ وڃي سگھندس؟“


پوءِ خدا جو روح مون کي مٿي کڻي هليو، تڏهن مون پنهنجي پٺيان هڪڙي وڏي گجگوڙ وارو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”مٿي آسمان ۾ خداوند جي جلال جي واکاڻ ڪريو.“


ٽئين ڏينهن تي هنن عيسيٰ کي هيڪل ۾ لڌو، جتي هو يهودي عالمن سان ويٺو هو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين.


تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ”اوهان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوهان کي خبر نہ هئي تہ آءٌ ضرور پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ هوندس؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ