7 طواف ڪندي آءٌ تنهنجا شڪرانا پيو ڳايان، ۽ تنهنجي سڀني عجيب ڪمن جو بيان ڪندو ٿو رهان.
7 تہ آءٌ تنهنجا ٿورا ظاهر ڪريان، ۽ تنهنجن عجيب ڪمن جو بيان ڪريان.
اوهين سڀني قومن ۾ سندس عظمت ظاهر ڪريو. هائو، هن جا عجيب ڪم سڀني ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌايو،
اوهين انهيءَ جا گيت ڳائيندي سندس واکاڻ ڪريو. هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن تن سڀني جو ذڪر ڪريو.
اي دربانؤ! مقدس هيڪل جا دروازا کولي ڇڏيو، تانتہ هيڪل ۾ داخل ٿي آءٌ خداوند جو شڪر ادا ڪريان.“
بيشڪ خداوند ئي اسان جو خدا آهي، جنهن اسان سان ڀال ڀلايو آهي. سو اي بادشاهہ! اوهين قربانگاهہ جي چوڌاري ڦرندي ٽاريون کڻي جشن ملهايو.“
تون مون کي پنهنجي قاعدن قانونن جي حقيقت سمجھاءِ، آءٌ تنهنجي انهن عجب اسرارن تي غور پيو ڪندو رهندس.
اوهين پنهنجا هٿ مقدس جاءِ ڏانهن کڻو، ۽ خداوند جي واکاڻ ڪريو.
آءٌ پڻ تنهنجي حشمت ۽ شان وَ شوڪت جو ذڪر ڪندو رهندس، ۽ تنهنجي عجيب ڪمن تي غور پيو ڪندس.
شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا سڳورو هجي! رڳو اهو ئي تہ اهڙا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو.
اي خداوند! آءٌ پوريءَ دل سان تنهنجي واکاڻ ڪندس، آءٌ تنهنجا اهي سڀيئي عجيب ڪم بيان ڪندس، جيڪي تو ڪيا آهن.
تانتہ تنهنجي ڇڏائڻ سبب آءٌ ڏاڍو سرهو ٿيان، ۽ سڄي يروشلم شهر اندر تنهنجي تعريف ڪريان.
تنهنجي ڪري آءٌ سرهو ٿيندس ۽ خوشيون ملهائيندس، اي خدا تعاليٰ! آءٌ تنهنجي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس.
اچو تہ اسين شڪرگذاري ڪندا انهيءَ جي حضور ۾ حاضر ٿيون، ۽ گيت ڳائيندي هن جي آڏو خوشيءَ جا نعرا هڻون.
پوءِ جڏهن انهيءَ جو ٿڃ ڇڏايائين، تڏهن انهيءَ ننڍڙي ٻار کي ساڻ ڪري، هڪ ٽسالو وهڙو، ڏهہ ڪلوگرام اٽو ۽ مئي سان ڀريل هڪڙي مشڪ پاڻ سان کڻي سيلا شهر ۾ خداوند جي مقدس خيمي وٽ آئي.
مون اها دعا هن ٻار جي لاءِ گھري هئي. خداوند کان جيڪا مراد گھري هئم، سا هن پوري ڪئي آهي.