Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 26:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر جيئن تہ آءٌ پنهنجي سچائيءَ سان هلندو رهان ٿو، سو تون مون تي رحم ڪر ۽ مون کي اچي ڇڏاءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 پر آءٌ پنهنجي سچائيءَ ۾ هلندس: مون کي ڇڏاءِ، ۽ مون تي رحم ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 26:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي منهنجا خدا! انهيءَ ڳالهہ ڪارڻ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي ڪم مون وفاداريءَ سان تو پنهنجي خدا جي گھر ۽ ان جي خدمتن لاءِ ڪيا آهن سي ميٽي نہ ڇڏج.


پوءِ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ سبت جي ڏينهن کي پاڪ رکڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن. اي منهنجا خدا! اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج ۽ پنهنجي وڏيءَ رحمت موجب مون تي رحم ڪج.


مون مقرر وقت تي ساڙيون ويندڙ قربانين لاءِ ڪاٺين ۽ پهريتن ڦرن جي نذراني مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ پڻ بندوبست ڪيو. سو اي منهنجا خدا! مون کي مهربانيءَ جي نظر سان ياد رکج.


پر مون کان اڳ وارا گورنر عوام تي ڳرو ٻوجھہ هئا ۽ کانئن روزاني جي کاڌي پيتي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ سڪا وٺندا هئا، بلڪ انهن جا نوڪر بہ عوام تي صاحبي هلائيندا هئا. پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


عُوض ملڪ ۾ ايوب نالي هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جيڪو ڪامل ۽ سچو انسان هو. هو خدا جو خوف رکندڙ ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪندڙ هو.


آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي سنئين راهہ تي هلندس. تون ڪڏهن اچي منهنجي مدد ڪندين؟ آءٌ پنهنجي بادشاهت ۾ بلڪل سچيءَ دل سان هلندس.


اي خداوند! مون کي سچار قرار ڏي، ڇوجو آءٌ ايمانداريءَ سان هليو آهيان. تو خداوند تي مون ڀروسو رکيو آهي، ۽ ان ۾ آءٌ ڪين ٿاٻڙيو آهيان.


مگر خداوند مون کي پاڻ وٽ قبول ڪندو، ۽ قبر جي پڪڙ کان ڇڏائيندو.


تن مان ڪنهن کي بہ طاقت ناهي جو پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي سگھي، ۽ نہ وري کيس اها طاقت آهي جو خدا کي پنهنجو عيوضو ڏيئي سگھي.


اي خدا! اچ، اچي منهنجي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي دشمنن کان مون کي بچاءِ.


”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.


هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


اوهين شاهد آهيو ۽ خدا بہ شاهد آهي تہ اوهان ايمان وارن سان اسان جي هلت چلت ڪهڙي نہ پاڪ، سچي ۽ بي‌داغ هئي.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ