Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 25:7 - Muslim Sindhi Bible

7 تون منهنجا گناهہ ۽ جوانيءَ جون گستاخيون ياد نہ ڪر. اي خداوند! پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي پنهنجي ڀلائي ڏيکار ۽ وساري نہ ڇڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 منهنجيءَ جوانيءَ جي ڏوهن، ۽ منهنجن گناهن کي ياد نہ ڪر: پر پنهنجي ٻاجهہ سارو ڀلائي ڪري مون کي ياد ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 25:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

واہ جو انصاف ٿو ڪرين، منهنجي نوجوانيءَ جا قصور مون تي موٽائي ٿو آڻين، ۽ انهن جي ڪري منهنجي نصيب ۾ سخت ڳالهيون ٿو لکين!


جيتوڻيڪ انهن شريرن جو بدن اڃا جوان ۽ مضبوط هوندو، تنهن هوندي بہ هو جلد ئي وڃي مٽيءَ سان مٽي ٿيندا.


بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي انصاف ڪن ٿا، ۽ هميشہ سچائيءَ جي راهہ تي هلندا رهن ٿا.


اي خداوند! جڏهن تون پنهنجي ٻاجھہ سان پنهنجي قوم کي ڇڏائين، تڏهن مون کي بہ ياد ڪج،


شل خداوند کي هن جي ابن ڏاڏن جي بدڪاري ياد هجي، بلڪ سندس ماءُ جون خطائون بہ ميسارجي نہ وڃن!


انهيءَ سبب جو ان بڇڙي کي رحم ڪرڻ ڪڏهن ياد نہ رهيو، اٽلندو هن غريبن، مسڪينن ۽ دلشڪستن کي ستايو. هائو، انهن کي گھڻو ستايائين تان‌تہ سندن جانيون وٺي.


اي خداوند! اي منهنجا خدا! اچ، اچي منهنجي مدد ڪر. تون پنهنجي دائمي ٻاجھہ مطابق اچي مون کي بچاءِ،


پنهنجي هن بندي سان پنهنجي دائمي ٻاجھہ مطابق سلوڪ ڪر، ۽ مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.


تون پنهنجي هن ٻانهي تي ٻاجھہ واري نظر ڪر، ۽ پنهنجي دائمي شفقت سان مون کي بچاءِ.


اي خدا! پنهنجي دائمي شفقت سبب مون تي پنهنجو رحم ڪر. تون پنهنجي گھڻي رحم سبب منهنجو هر گناهہ مِٽائي ڇڏ.


اي خداوند! مون تي مهر جي نظر ڪري منهنجي جان ڇڏاءِ. تون پنهنجي دائمي شفقت جي ڪري مون کي بچائي وٺ،


ابن ڏاڏن جي گناهن جون سزائون تون اسان کي نہ ڏي. شل سگھو تنهنجيون رحمتون نازل ٿين، ڇوجو اسين ڏاڍا دٻجي ويا آهيون.


بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.


پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان. هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.


اهو سڀ مون پنهنجي خاطر، هائو، رڳو پنهنجي ئي خاطر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو منهنجي خلاف ڪفر بڪي. آءٌ پنهنجي عظمت ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ٿيڻ ڪونہ ڏيندس.“


سو اي خداوند! ڏس، اسين سڀ تنهنجي ئي قوم آهيون، اسين تو کي رحم لاءِ منٿ ٿا ڪريون. اسان تي ايڏي وڏي ڪاوڙ نہ ڪر، نہ ئي اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد ڪر.


اسان کي خواريءَ سبب شرم ۾ ٻڏي مرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ۽ نافرماني پئي ڪئي آهي.“


هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري گناهہ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“


اتي هڪڙو اهڙو ماڻهو هو، جيڪو اٺٽيهن سالن کان مرض ۾ ورتل هو.


انهيءَ ڪري جو آءٌ سندن بڇڙاين کي معاف ڪري ڇڏيندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ