زبور 25:5 - Muslim Sindhi Bible5 مون کي پنهنجي سچائيءَ واري راهہ تي هلاءِ ۽ هدايت ڏي، ڇاڪاڻ تہ تون ئي تہ منهنجو ڇڏائيندڙ خدا آهين. اي خداوند! منهنجو تو تي سدائين ڀروسو آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 مون کي پنهنجيءَ سچائيءَ ۾ هلاءِ، ۽ مون کي تعليم ڏي؛ ڇالاءِ جو تون ئي منهنجي ڇوٽڪاري جو خدا آهين؛ آءٌ سڄو ڏينهن تنهنجي انتظار ۾ آهيان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.