Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 25:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اي منهنجا خدا! آءٌ تو تي ئي ڀروسو رکان ٿو. اي خدا! مون کي ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ، ائين نہ ٿئي جو منهنجا دشمن اچي مون تي کل چرچو ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اي منهنجا خدا، آءٌ توتي ڀروسو ٿو رکان، مونکي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ۽ منهنجا دشمن مون تي فتحياب نہ ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 25:2
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح اسرائيل وارن انهيءَ موقعي تي شڪست کاڌي ۽ يهوداہ وارا سوڀارا ٿيا، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا تي ڀروسو ڪيو.


مون تہ تنهنجي لافاني شفقت تي توڪل ڪئي آهي. جيڪڏهن تون مون کي ڇڏائي وٺندين تہ منهنجي دل خوش ٿيندي.


جيئن تہ آءٌ ڏاڍو نااميد ٿي پيو آهيان، سو تون منهنجيءَ دانهن تي ڌيان ڏي، ۽ مون کي ستائيندڙن کان ڇڏاءِ، ڇوجو اهي مون کان وڌيڪ طاقتور آهن.


خداوند منهنجو حفاظت ڪندڙ آهي، هو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي. خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.


منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو ڇو مون کي ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ ۽ دانهن ٻڌڻ کان ڇو دور ٿو رهين؟


تو ئي سندن پڪار ٻڌي کين هر مصيبت مان ڇڏايو. هنن تو تي پورو ڀروسو رکيو ۽ هو شرمندا نہ ٿيا.


”جيڪڏهن هن جي خدا تي توڪل آهي، تہ پوءِ اهو کيس ڇو نہ ٿو بچائي! جيڪڏهن اُهو کانئس خوش آهي، تہ پوءِ کيس ڇو نہ ٿو ڇڏائي!“


اي خداوند! آءٌ تنهنجي پناهہ ٿو وٺان، مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ. پنهنجي سچائيءَ جي خاطر تون مون کي بچائي وٺجانءِ.


منهنجي حياتي تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي، سو مون کي جيڪي دشمن ستائين ٿا، تن جي هٿان تون ڇڏائي وٺجانءِ.


تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏيئي سگھو ئي مون کي ڇڏائي وٺجانءِ. تون مون لاءِ مضبوط محافظ ۽ منهنجي پناهہ‌گاهہ ٿجانءِ.


هر طرح سان آزمائي ڏسو تہ خداوند ڪيڏو نہ ڀلو آهي. بيشڪ اهو ماڻهو سڀاڳو آهي جيڪو انهيءَ جي پناهہ ٿو وٺي.


ھائو، خداوند انهن جي مدد ڪري ٿو. هو بڇڙن کان ڇڏائي کين بچائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هنن خداوند وٽ اچي پناهہ ورتي آهي.


جڏهن منهنجا دشمن مون کي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام ٿيندا، تڏهن آءٌ ڄاڻي وٺندس تہ تون سچ پچ مون سان راضي آهين.


اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇوجو منهنجا مخالف مون کي ايذائين ٿا. اهي هر وقت وڙهندي مون کي ستائين ٿا.


اي خداوند، منهنجا خدا! آءٌ تنهنجي پناهہ وٺان ٿو، جيڪي منهنجو پيڇو ڪن ٿا تن کان مون کي بچاءِ.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي پناهہ ٿو وٺان. مون کي تون ڪڏهن بہ شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ.


خداوند کي اوهين هيئن چئو تہ ”اي اسان جي پناهہ ۽ اسان جا قلعا! تون ئي اسان جو خدا آهين جنهن تي اسان کي ڀروسو آهي.“


اي خداوند! اهي بڇڙا ماڻهو ڪيستائين، هائو، ڪيستائين اهي بڇڙا ماڻهو پاڻ کي پڏائيندا رهندا؟


بيشڪ خداوند انهن کي پوري پوري سلامتي بخشي ٿو، جيڪي هر حال ۾ مٿس ئي توڪل رکندڙ آهن.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ بنياد رکڻ لاءِ هڪڙو مضبوط پيڙهہ جو پٿر رکان ٿو، جيڪو نهايت اهم ۽ ڀروسي جهڙو هوندو. جيڪو بہ انهيءَ تي يقين ڪندو، تنهن کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو.


”جنهن خدا تي تون ڀروسو ٿو ڪرين سو تو کي ائين چئي دوکي ۾ ٿو رکي تہ تنهنجو يروشلم شهر مون اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندو.


هاڻ اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي هن جي هٿن مان ڇڏاءِ، تان‌تہ دنيا جون سڀ قومون ۽ بادشاهہ ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون ئي خدا آهين.“


ڇاڪاڻ تہ آءٌ خود هن شهر جي حفاظت ڪندس ۽ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر انهيءَ شهر کي بچائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.


انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


بلڪ جيڪي مون کي ستائن ٿا تن کي ذليل وَ خوار ڪر، پر مون کي انهيءَ حالت کان بچاءِ. هائو، تون هنن کي دهشت ۾ وجھي ڇڏ، پر مون کي دهشت کان بچاءِ. هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ مٿن تباهيءَ مٿان تباهي نازل ڪر.


اهو پيغام سڀني لاءِ آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڪ روح اسان کي عطا ڪيو ويو آهي، تنهن جي وسيلي خدا جي اسان سان محبت اسان جي دلين ۾ ڀري ويئي آهي.


هن ڪري جو پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ