Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 24:6 - Muslim Sindhi Bible

6 هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي خدا جا طالبو آهن، هائو، جيڪي يعقوب جي خدا جي ديدار جا طالبو آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 اي يعقوب جا خدا، هيءَ اها پيڙهي آهي، جا تنهنجي طالب آهي، ۽ جنهن کي تنهنجي ديدار جي سڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 24:6
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين خداوند جا ۽ سندس قدرت جا طالبو رهو. اوهين سندس ديدار جي طلب رکندي هيڪل ۾ ايندا رهو.


ايندڙ ٻيون پيڙهيون بہ هن جي عبادت ڪنديون. اُهي ئي وري ٻين ايندڙ پيڙهين کي پنهنجي ڌڻيءَ جو بيان ٻڌائينديون.


جڏهن تو هي فرمايو هو تہ ”اوهين منهنجي ديدار جا طالب ٿيو،“ تڏهن منهنجيءَ دل چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو طالب آهيان.“


پر اي خدا! جيڪڏهن آءٌ سوچيان ها تہ ”آءٌ بہ انهن وارا خيال اختيار ڪندس،“ پوءِ جيڪر آءٌ تنهنجي قوم سان بي‌وفائي ڪريان ها.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اها منهنجي مرضي هئي تہ هو ڏک سهي، بيشڪ هن جو موت گناهن جي معافيءَ واسطي ڪفارو هو. سو هاڻ هو وڏي عمر ماڻيندو ۽ پنهنجو نسل ڏسندو. هن جي وسيلي منهنجي مرضي پوري ٿيندي.


جڏهن عيسيٰ نٿن‌ايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“


تنهنڪري اهو واعدو ايمان رکڻ جي بنياد تي آهي تہ جيئن اهو خدا جي فضل جي بخشش هجي، جيڪو ابراهيم جي سڄي اولاد لاءِ قائم رهي. هي نہ رڳو انهن لاءِ آهي جن وٽ شريعت آهي، پر انهن لاءِ بہ آهي جيڪي ابراهيم وانگر ايمان آڻين ٿا. اهڙيءَ طرح ابراهيم اسان سڀني جو پيءُ آهي،


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ