Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 23:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تنهنجي ڀلائي ۽ رحمت سڄي حياتي مون سان هونديون. اي خداوند! آءٌ هميشہ تنهنجي گھر ۾ پيو رهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 بيشڪ ڀلائي ۽ رحمت منهنجي سڄي حياتي مون سان لڳي رهندي: ۽ آءٌ سدائين خداوند جي گهر ۾ رهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 23:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن تي ازل کان وٺي ابد تائين سندس رحمت وسي ٿي. هن جي ڀلائي سندن اولادن جي اولادن تي پڻ هلندي اچي ٿي،


تون مون کي هميشہ زندگيءَ جي راهہ پيو ڏيکاريندين، ۽ تنهنجي حضور ۾ آءٌ خوشين سان ڀرپور رهندس. هائو، تو سان گڏ رهڻ ۾ مون کي دائمي خوشيون حاصل ٿينديون.


اي خداوند! آءٌ بي‌قصور آهيان، سو تنهنجو ديدار حاصل ڪندس. هاڻ جڏهن آءٌ جاڳي اٿندس تہ تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


هن تو کان حياتي گھري، جيڪا تو کيس بخشي ڏني. تو نہ رڳو حياتي ڏنس، بلڪ وڏي ڄمار پڻ عطا ڪري ڇڏيس.


آءٌ خداوند کي رڳو هڪڙو عرض ٿو ڪريان، جيڪو آءٌ چاهيندو ٿو رهان. منهنجو عرض اهو آهي تہ سڄي ڄمار آءٌ سندس گھر ۾ رهان، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خداوند جو جمال پسان، ۽ سندس هيڪل ۾ سندس ئي طلب ۾ رهان.


هن اسان کي هيبتناڪ موت جي منهن مان بچائي ورتو ۽ بچائيندو رهي ٿو. هن ۾ اميد آهي تہ اسان کي اڃا بہ بچائيندو رهندو.


انهيءَ جو سبب هي آهي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جو جسم جيڪو هن ڌرتيءَ تي جھوپڙيءَ جهڙو ڪچو گھر آهي، سو جيڪڏهن ڊاهيو وڃي تہ بہ اسان لاءِ خدا وٽ آسمان تي هڪڙو پڪو گھر آهي. اهو انساني هٿن سان جوڙيل نہ آهي، بلڪ هميشہ قائم رهندڙ آهي.


آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي.


خداوند عيسيٰ مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ پنهنجي آسماني بادشاهيءَ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ