Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 23:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تو منهنجي دشمنن آڏو مون لاءِ دسترخوان وڇايو آهي. تو مون کي معزز مهمان جيان مان ڏنو آهي، ۽ منهنجي پيالي کي ٽمٽار ڪيو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 تو منهنجي دشمنن جي ڏسندي مون لاءِ دسترخانو وڇايو آهي: تو منهنجي مٿي تي تيل مکيو آهي؛ منهنجو پيالو ٽمٽار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 23:5
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اهڙيءَ طرح خدا تو کي بہ مصيبت مان ڪڍي اهڙي ڪشاديءَ جاءِ ۾ پهچائي ها، جتي تنگي بلڪل نہ آهي. هو تنهنجي دسترخوان کي عمدن طعامن سان ڀري ڇڏي ها.


تون مئي کي پيدا ڪرين ٿو، جيڪا ماڻهن جي دل خوش ٿي ڪري، تون تيل کي پيدا ڪرين ٿو، جنهن سان هو پنهنجي چهري کي چمڪائين ٿا، ۽ تون انهن کي ماني ڏين ٿو جيڪا کين طاقت بخشي ٿي.


آءٌ تہ اوتڻ وارو نذرانو کڻي خداوند آڏو پيش ڪندس، ۽ سندس شڪرانو بجا آڻيندس، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي جان بچائي آهي.


اي خداوند! تون ئي منهنجي ميراث ۽ منهنجو نصيب آهين. منهنجي مستقبل جو تون ئي نگهبان آهين.


غريب ماڻهو اهي کائي ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند جا طالبو سندس تعريف ڪندا. شال انهن سڀني جون دليون سدائين زندہ رهن!


دنيا جو هر فاني انسان رڳو کيس ئي سجدو ڪندو. بيشڪ خاڪ ۾ وڃي ملڻ وارا سڀ سندس آڏو جھڪندا، هائو، اهي سڀ جيڪي موت کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن.


تون نيڪيءَ سان محبت ۽ بدڪاريءَ کان نفرت ٿو ڪرين، تنهنڪري خدا، هائو، تنهنجي خدا خوشيءَ وارو تيل کڻي ٻين سڀني بادشاهن کان وڌيڪ تنهنجي مٿان پئٽيو آهي.


بلڪ اهي خدا جي خلاف هيئن بہ بڪڻ لڳا هئا تہ ”ڇا خدا بيابان ۾ اسان لاءِ کاڌو مهيا ڪري ٿو سگھي؟


پر مون کي تو جھنگلي سانَهہ جهڙي سگھہ عطا ڪئي آهي، ۽ چڱين چڱين برڪتن سان نوازيو اٿيئي.


منهنجي اکين منهنجي دشمنن جو حشر ڏٺو آهي، ۽ منهنجي ڪنن انهن مخالف بدڪارن جو روڄ راڙو ٻڌو آهي.


قادرِمطلق خداوند هن صيئون جبل تي دنيا جي سڀني قومن لاءِ هڪ وڏي دعوت ڪندو، هائو، اهڙي دعوت جنهن ۾ سڻڀا۽ عمدا شاهي طعام، ۽ عمدي خالص مئي هوندي.


اوهين وڏا وڏا پيالا ڀري مئي پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا عطر لڳايو ٿا. پر پنهنجي ملڪ اسرائيل تي اچڻ واري مصيبت کان اوهين لاپرواہ آهيو.


پر جڏهن اوهين روزو رکو تہ پنهنجي منهن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو،


تو منهنجي مٿي کي تيل بہ نہ مکيو، پر هن تہ منهنجي پيرن کي عطر مکيو آهي.


اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.


جڏهن اسين مسيح جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي خدا جي واکاڻ ٿا ڪريون، تڏهن اها مسيح جي رت ۾ شراڪت نہ آهي ڇا؟ ۽ جڏهن اسين ماني ڀڃي کائون ٿا، تڏهن اها مسيح جي بدن ۾ شراڪت نہ آهي ڇا؟


اهو خدا ئي آهي، جيڪو اسان کي اوهان سان مسيح ۾ قائم رکي ٿو. خدا ئي اسان کي مخصوص ڪيو آهي.


واکاڻ ٿي ڪجي انهيءَ قادر جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي طاقت موجب اسان جي دعا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.


پر اوهان تي پاڪ هستيءَ پنهنجو روح نازل ڪري اوهان کي مخصوص ڪيو آهي، تنهنڪري اوهان سڀني کي سچائيءَ جي ڄاڻ آهي.


پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ