Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 23:4 - Muslim Sindhi Bible

4 توڙي جو کڻي آءٌ موت جي پاڇي وارين وادين مان لنگھندس، تڏهن بہ آءٌ ڪنهن کان ڪين ڊڄندس، ڇوجو تون مون سان آهين. هائو، تنهنجي لٺ ۽ لڪڻ منهنجي دلجاءِ جو سبب آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هائو، جيتوڻيڪ آءٌ موت جي پاڇي جي واديءَ مان لنگهندس، تہ بہ آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ کان ڪين ڊڄندس؛ ڇو جو تون مون سان آهين: تنهنجو لڪڻ ۽ تنهنجي لٺ مون کي دلجاءِ ٿي ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 23:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صبح جي روشني انهن جي لاءِ ڄڻ تہ موت جو پاڇو آهي، پر رات جي اونداهيءَ واري دهشت سان سندن دوستي آهي.“


شال اوندهہ ۽ موت جو پاڇو اچي انهيءَ ڏينهن تي قبضو ڪري، شال مٿس اونداهيءَ وارو ڪڪر ڇانيل رهي. شال انهيءَ ڏينهن کي هيبتناڪ شيون اچي ڊيڄارين، هائو، اهي جيڪي ڏينهن کي اونداهو ٿيون ڪري ڇڏين.


سو اي منهنجا بادشاهہ! خداوند صيئون مان تنهنجي شاهي لٺ جي طاقت کي ڦهلائيندو، ۽ تون پنهنجي دشمنن تي حڪمراني ڪندين.


جيئن تہ خداوند مون سان آهي، سو آءٌ ڊڄڻ وارو نہ آهيان. انسان مون کي ڇا ڪري سگھندو؟


توڙي جو آءٌ مصيبتن مان ٿو گذران، تہ بہ تون مون کي محفوظ رکين ٿو، ۽ منهنجي دشمنن جي ڪاوڙ خلاف تون مٿن هٿ کڻين ٿو. بيشڪ تنهنجو زورآور هٿ مون کي بچائي وٺي ٿو.


مگر اهي سڀ تڏهن خوف وچان ڏڪي ويندا، جڏهن هو خدا کي سچارن سان گڏ ڏسندا.


آءٌ تہ انهن لکين دشمنن کان بہ نہ ڊڄندس، جيڪي چئني طرفن کان منهنجو گھيرو ڪيو ويٺا آهن.


تڏهن بہ تو اسان کي بي‌وس بڻائي ويرانين ۾ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿيئي.


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي، توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس، يعني رڻ‌پٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس، هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو. اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو ۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.


اي خداوند! پنهنجي چونڊيل قوم جي رهنمائي ڪر. اچ، اسان جو اچي ريڍار ٿيءُ. اسان جي چوڌاري سرسبز ٻنيون آهن، پر اسين ڪرمل جي جھنگ ۾ اڪيلا پيا رهون. تون اسان جي اڳواڻي ڪري اسان کي بسن ۽ جِلعاد جي علائقن ڏانهن وٺي هل. هائو، اسان کي اڳي وانگر انهن سرسبز چراگاهن ۾ رهاءِ.


پوءِ مون اها لٺ ڀڃي ڇڏي جنهن جو نالو ”مهرباني“ هو، ڄڻ تہ ان عهد کي منسوخ ڪري ڇڏيم جيڪو خداوند قومن سان ڪيو هو.


تڏهن مون پنهنجي ٻي لٺ بہ ڀڃي ڇڏي جنهن جو نالو ”اتحاد“ هو. ائين ڪرڻ سان ڄڻ مون يهوداہ وارن ۽ اسرائيل وارن جي برادريءَ کي ٽوڙي ڇڏيو.


انهن ڏينهن ۾ مختلف قومن توڙي ٻولين وارا ڏهہ ماڻهو اچي هڪڙي يهوداہ واري جو دامن پڪڙي کيس چوندا تہ ’اسين تو ساڻ آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻڌو آهي تہ خدا تو سان گڏ آهي.‘“


”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“


۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


جيڪا سلامتيءَ واري رستي جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني تي چمڪندي، جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ رهون ٿا.“


شل خداوند عيسيٰ تو سان گڏ هجي ۽ اوهان سڀني تي سندس فضل ٿيندو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ