Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 23:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تون منهنجيءَ جان کي تازو ۽ توانو ٿو ڪرين. پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب تون مون کي سڌين واٽن تي وٺي ٿو هلين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 هو منهنجي جان کي بحال ڪري ٿو: ۽ پنهنجي نالي جي خاطر مون کي سچائيءَ جي واٽن تي وٺي ٿو هلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 23:3
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ ان جي جان کي قبر کان موٽائي آڻي، ۽ کيس جيئرن جي روشن دنيا جي خوشين سان ڀري ڇڏي.


تنهن هوندي بہ پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب هن کين بچايو هو، تان‌تہ هو پنهنجي عظيم قدرت کي ظاهر ڪري.


اي خداوند، منهنجا رب! تنهنجو رحم عظيم آهي، سو تون مون کي انهن کان ڇڏائي وٺجانءِ. هائو، پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب مون تي ٻاجھہ ڪجانءِ.


آءٌ گم ٿيل رڍ جيان ڀٽڪي ويو آهيان، تون اچي پنهنجي هن بندي کي ڳولي لهہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي حڪمن کي ڪڏهن نہ ٿو وساريان.


خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جيڪا جان کي تازگي ڏئي ٿي. هن جا حڪم ڀروسي جهڙا آهن، جيڪي نادانن کي بہ دانائي ٿا بخشن.


تون ئي تہ منهنجو محافظ ۽ منهنجو قلعو آهين. پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب منهنجي اڳواڻي ۽ رهبري ڪجانءِ.


مون لاءِ جيڪو ڳجھيءَ طرح ڄار پکيڙيو اٿن، تنهن کان مون کي بچائي وٺجانءِ، ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي جاءِ‌پناهہ آهين.


اوهين مون سان گڏجي خداوند جي عظمت جو بيان ڪريو. اچو تہ اسين هن جي نالي جي واکاڻ ڪريون.


اي خداوند! منهنجا دشمن گھڻا ٿي ويا آهن، تنهنڪري منهنجي رهنمائي ڪر. مون کي پنهنجي سچائيءَ جي راهہ ڏيکار، جنهن تي آءٌ سڌو هلندو اچان.


اي خدا! منهنجي اندر ۾ هڪڙي پاڪ دل پيدا ڪر، ۽ منهنجي باطن ۾ نئين سر مستقيم روح وجھي ڇڏ.


تون مون کي پنهنجي نجات واري خوشي وري عطا ڪر، ۽ راضپي وارو روح عطا ڪر تہ پوريءَ طرح فرمانبردار رهان.


اي اسان کي ڇڏائيندڙ خدا! پنهنجي نالي جي عظمت خاطر اسان جي مدد ڪر، هائو، پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب اسان کي ڇڏاءِ ۽ اسان جا گناهہ معاف ڪر.


اي خداوند! ڌرتيءَ تي تون پنهنجي لاءِ سچائيءَ واري راهہ تيار ڪندين، هائو، اهڙي راهہ جيڪا تنهنجي لائق هوندي.


مون اوهان کي ڏاهپ واري راهہ ڏيکاري آهي ۽ سڌي رستي تي هلڻ ۾ اوهان جي رهنمائي ڪئي اٿم.


آءٌ هميشہ سچائيءَ جي راهہ تي ۽ عدل جي رستن تي هلان ٿي،


پر آءٌ پنهنجي قوم جي انڌن کي انهيءَ رستي سان وٺي هلندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي. آءٌ کين انهن واٽن تي هلائيندس جن جي کين ڪا سڌ ڪانهي. انهن جي اڳيان آءٌ اونداهيءَ کي روشني، ۽ هيٺ مٿاهينءَ جاءِ کي سنئون سڌو ڪري ڇڏيندس. انهن ڪمن جو آءٌ ساڻن واعدو ٿو ڪريان، آءٌ کين ڪڏهن بہ وساري نہ ڇڏيندس.


آءٌ ٿڪجي پيلن کي آرام ڏيندس ۽ ساڻو ٿي پيلن کي سگھہ عطا ڪندس.


ڏسو، آءٌ هنن کي اتر طرف کان موٽائي آڻيندس، بلڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان آڻي کين گڏ ڪندس. انهن منجھہ انڌا ۽ منڊا هوندا، پيٽ واريون ۽ ويم جي سورن واريون عورتون پڻ شامل هونديون. هائو، هڪ وڏو هجوم موٽي ايندو.


پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ انهن قومن جي آڏو منهنجي نالي جي بي‌ادبي نہ ٿئي، جن قومن جي ڏسندي آءٌ هنن کي مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس.


انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ