4 اسان جي ابن ڏاڏن تو تي ڀروسو رکيو. هائو، تو تي ئي سندن ڀروسو هو ۽ تو ئي کين ڇڏايو.
4 اسان جي ابن ڏاڏن توتي ڀروسو رکيو: اُنهن ايمان آندو، ۽ تو اُنهن کي ڇڏايو.
ابرام خداوند تي يقين ڪيو، انهيءَ ڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.
هن چيس تہ ”اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ پر اسرائيل سڏيو ويندو، ڇو تہ تون ماڻهن کان علاوہ خدا سان بہ ملهہ وڙهيو آهين ۽ کٽي ويو آهين.“
جڏهن بني اسرائيل اها عظيم قدرت، جيڪا خداوند مصرين تي ظاهر ڪئي سا ڏٺي، تڏهن اهي خداوند کان ڊنا. انهيءَ سبب هنن خداوند تي ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ڀروسو ڪيو.