Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 22:31 - Muslim Sindhi Bible

31 هائو، جيڪي پوءِ پيدا ٿيندا، تن کي اهي خداوند جا ڪم ظاهر ڪري چوندا تہ ”خداوند ئي پنهنجي قوم کي ڇڏايو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 اُهي ايندا ۽ سندس سچائي ظاهر ڪندا: ۽ جيڪا قوم پيدا ٿيندي تنهن کي چوندا تہ هن ائين ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 22:31
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ايندڙ پيڙهيءَ لاءِ خداوند جا اهي ڪم لکيا وڃن، تان‌تہ جيڪا پيڙهي پيدا ٿيندي سا خداوند جي واکاڻ ڪري تہ


مون هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾ تنهنجي سچائيءَ وارا ڪم ظاهر ڪيا آهن. اي خداوند! تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ ائين ڪرڻ کان ڪين مڙندس.


تان‌تہ ايندڙ پيڙهيءَ ۾ ڄمندڙ ٻار انهن کي ڄاڻي وٺن، ۽ پوءِ اهي وڏا ٿي پنهنجي ٻارن کي بہ ٻڌائين.“


اي ڌڻي! سڀيئي قومون جن کي تو ئي خلقيو آهي، سي اچي تو کي سجدو ڪنديون. اهي سڀيئي تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪنديون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اها منهنجي مرضي هئي تہ هو ڏک سهي، بيشڪ هن جو موت گناهن جي معافيءَ واسطي ڪفارو هو. سو هاڻ هو وڏي عمر ماڻيندو ۽ پنهنجو نسل ڏسندو. هن جي وسيلي منهنجي مرضي پوري ٿيندي.


اي يروشلم جي وسندي! تون جيڪا هڪ سنڍ عورت وانگر هئينءَ، جنهن کي ڪو ٻار ئي نہ ٿي ٿيو، سا خوشيءَ وچان ڳاءِ. هائو، تون جنهن ويم جا سور ئي نہ سٺا هئا، سا وڏي آواز سان خوشيءَ وچان ڳاءِ، ڇاڪاڻ تہ تو بابت خداوند جو واعدو آهي تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گھڻو ٿيندو.


پنهنجيون اکيون کڻي چوڌاري نهار، تنهنجي ماڻهن جا ميڙ تو ڏانهن موٽي پيا اچن. ڏس، تنهنجا پٽ پري پري کان پيا اچن، ۽ جيئن ٻارن کي ڪڇ تي کڻي هلبو آهي، تيئن تنهنجي ڌيئرن کي آرام سان کڻي آندو پيو وڃي.


انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ