28 خداوند ئي هر شيءِ تي غالب آهي، هو ئي سڀني قومن جو حاڪم آهي.
28 ڇو جو بادشاهت خداوند جي آهي: ۽ اهو ئي قومن جو حاڪم آهي.
اي ڌڻي! سڀيئي قومون جن کي تو ئي خلقيو آهي، سي اچي تو کي سجدو ڪنديون. اهي سڀيئي تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪنديون.
ايندڙ ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو خداوند جي هيڪل وارو جبل صيئون، سڀني جبلن کان مٿاهون ڪيو ويندو. هائو، اهو سڀني جبلن کان بلند ڪيو ويندو، ۽ سڀني قومن جو وهڪرو انهيءَ ڏانهن هوندو.
اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ! اوهين سڀ مون آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي.
هر نئين چنڊ جي عيد ۽ هر سبت جي ڏينهن تي، هر قوم جا ماڻهو مون خداوند جي عبادت ڪرڻ واسطي يروشلم ۾ منهنجي حضور ۾ اچي حاضر ٿيندا.
پوءِ اختياريءَ ۽ عظمت سان گڏ بادشاهي سندس حوالي ڪئي ويئي، تانتہ سڀيئي قومون ۽ قبيلا توڙي مختلف ٻوليون ڳالهائڻ وارا، انهيءَ جي تعظيم ۽ احترام ڪن. انهيءَ جي بادشاهي دائمي آهي ۽ فنا ٿيڻ واري ناهي، هائو، ان جي حاڪميت کي ڪڏهن بہ ڪو زوال نہ ايندو.
يروشلم وارا ماڻهو مختلف علائقا فتح ڪري صيئون جبل تان ادوم تي بہ حڪمراني ڪندا. تڏهن سڀني قومن تي مون خداوند جي ئي بادشاهت قائم ٿي ويندي.“
خداوند هنن کي هيبت ۾ وجھندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني معبودن کي هيڻو ڪري ڇڏيندو. پوءِ سڀيئي قومون سندس بندگي ڪنديون. هائو، سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ خداوند جي ئي عبادت ڪندا.
سڄيءَ دنيا تي خداوند جي ئي بادشاهي هوندي. ان ڏينهن رڳو خداوند کي ئي معبود مڃيو ويندو ۽ رڳو سندس ئي عبادت ڪئي ويندي.
اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘
جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“