20 تون اچي منهنجي جان کي تلوارن کان ڇڏاءِ. تون هنن ڪتن جي چڪ منجھان منهنجي قيمتي حياتي اچي بچاءِ.
20 منهنجيءَ جان کي ترار کان؛ ۽ منهنجي پياري جان ڪتي جي چنبي کان ڇڏاءِ.
اي خداوند! اُٿي کڙو ٿيءُ، حملو ڪري انهن کي ڪيرائي وجھہ. پنهنجي تلوار کڻ ۽ مون کي انهن شريرن کان بچاءِ.
اي منهنجا ڌڻي! تون ڪيستائين ماٺ ڪيو پيو ڏسندو رهندين؟ مون کي هنن بگھڙن جي چير ڦاڙ کان بچاءِ.
جيڪي منهنجي جان کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين، سي سڀ شل خوار خراب ٿين ۽ منجھي پون! جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ ٿا چاهين، شل سي ذليل وَ خوار ٿي پٺ ڏيئي ڀڄيو وڃن!
اي خدا! اچ، اچي منهنجي جان ڇڏاءِ، ۽ منهنجي دشمنن کان مون کي بچاءِ.
اي خداوند، منهنجا خدا! جيڪڏهن منهنجي هٿن مان ڪو ظلم جو ڪم ٿيو آهي، يا جيڪڏهن ڪنهن دوست سان مون نيڪيءَ جي بدلي بدي ڪئي آهي، بلڪ دشمن جي بديءَ جي بدلي ۾ بہ جيڪڏهن نيڪي ڪري کيس نہ بچايو اٿم، هائو، جيڪڏهن مون کان اهڙو ڪو ڪم ٿيو آهي،
جيڪي منهنجي جان وٺڻ چاهين ٿا، سي سڀ شل خوار خراب ٿين ۽ منجھي پون! جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ ٿا چاهين، شل سي ذليل وَ خوار ٿي پٺ ڏيئي ڀڄيو وڃن!
قادرمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ قوم جي ريڍار کي تلوار هڻي ڪڍندس، ۽ پوءِ سندس رڍون ڇڙوڇڙ ٿي وينديون. هائو، آءٌ سندس سڄي ڌڻ جي خلاف پنهنجو هٿ کڻندس. سو اي تلوار! منهنجي ريڍار خلاف اُٿي کڙي ٿيءُ، يعني انهيءَ جي خلاف جيڪو منهنجو خاص ٻانهو آهي.