19 سو اي خداوند! تون مون کان پري نہ ٿيءُ. اي منهنجا واهرؤ! تون سِگھو اچي منهنجي مدد ڪر.
19 پر اي خداوند، تون مون کان پري نہ ٿيءُ؛ اي منهنجي طاقت سگهو اچي مون کي مدد ڏي.
اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟
اي خداوند! تون جيڪو منهنجي طاقت آهين، آءٌ تو کي پيار ڪريان ٿو.
اي خداوند! تنهنجي ڏنل طاقت تي بادشاهہ بيحد خوش آهي. تو کيس جيڪا فتح بخشي آهي تنهن لاءِ هو ڪيڏو نہ سرهو آهي!
هاڻي تون مون کان پري نہ ٿيءُ، ڇوجو مصيبت ويجھي آهي، ۽ منهنجو ڪو ئي بہ مددگار ڪونهي.
اي خداوند! مون تي ٻاجھہ ڪري اچي مون کي ڇڏاءِ. اي خداوند! هاڻي جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.
اي منهنجا رب! آءٌ تہ مسڪين ۽ محتاج آهيان، پر تون منهنجو فڪر ٿو ڪرين. اي منهنجا خدا! بيشڪ تون ئي منهنجو مددگار ۽ بچائيندڙ آهين، سو هاڻي جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.
اي خدا! آءٌ مسڪين ۽ محتاج آهيان، جلدي اچي منهنجي مدد ڪر. اي خداوند! تون ئي منهنجو مددگار ۽ بچائيندڙ آهين، سو دير نہ ڪر.