17 هاڻ تہ منهنجيون سڀ هڏيون ڏسجڻ ۾ ٿيون اچن. دشمن مون کي چتائي ۽ گھُوري ڏسن ٿا.
17 آءٌ پنهنجون سڀ هڏيون ڳڻي ٿو سگهان؛ اُهي مون ڏانهن اکيون ڦاڙي پيا نهارين.
هن جو ماس اهڙو ڳري ٿو وڃي جو اهو ڏسڻ ۾ بہ نہ ٿو اچي، ۽ سندس هڏا جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيا سي نڪري ٻاهر ٿا بيهن.
پهريائين هن کي ڏسي گھڻن ماڻهن کي هيبت وٺي ٿي ويئي، ڇاڪاڻ تہ مصيبتون سهڻ ڪري هن جي شڪل ايتري تہ بگڙي ويئي هئي، جو هن کي ڪو مشڪل سان ئي انسان سمجھي ٿي سگھيو.
۽ اتي ويهي مٿس پهرو ڏيندا رهيا.
عيسيٰ جي پٺيان ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ هو. انهن ۾ ڪي عورتون بہ هيون جيڪي هن لاءِ روئنديون ۽ سينا پٽينديون پئي آيون.
ماڻهن بيٺي ڏٺو. تڏهن يهودين جي اڳواڻن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ”هون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏهن هي خدا جو مسيح ۽ سندس مخصوص ڪيل آهي تہ هاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“